27 جمعہ , اپریل 2018

مسلم ليگ ن جي سينيٽر راحيلا مگسي خلاف نيب انڪوائري جو آغاز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن سان تعلق رکندڙ سينيٽر راحيلا مگسي تي غير قانوني اثاثا بڻائڻ تي نيب انڪوائري جو آغاز ٿي ويو. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب سينيٽر راحيلا مگسي سنڌ جي ضلعي ٽنڊي الله يار ۾ زمين جي وڪري ۽ خريداري ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي. راحيلا مگسي تي الزام آهي ته زرعي زمين جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪئي ۽ 2700 ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي پنهنجي ۽ وارثن جي نالي تي ورتي. اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته راحيلا مگسي بطور ضلعي ناظم ڪروڙين رپين جا فنڊ جاري ڪيا ۽ ترقياتي ڪمن جا منصوبا پنهنجن ويجهن ساٿين کي ڏنا. اينٽي ڪرپشن اختيارين سينيٽر راحيلا مگسي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے