17 اربع , جنوري 2018

ڌرڻو هڻندڙن جا سياسي ۽ ذاتي مقصد آهن: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جو اعتراض آهي ته قانوني تقاضا پورا ڪيا وڃن، کيس به ٻين شهرين جيان حق ڏنا وڃن، ڇا ڪنهن ٻئي ڪيس تي نگران جج ٺاهيو ويو، ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي، جيڪڏهن ڪو سپريم ڪورٽ جو جج آهي ته ڇا انصاف ڪرڻ ان جو فرض ناهي؟. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته دهشتگردن کي حق آهي پر ڇا نواز شريف کي اپيل جو حق ناهي، نواز شريف سڄي خاندان سميت عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي، نگران جج اڳ ڪڏهن به نه ٺهيو، نه جي آءِ ٽي ٺهي، نه واٽس ايپ ڪال آئي، اهو نٿو ٿي سگهي ته هڪڙي لاءِ قانون الڳ ۽ ٻين جي لاءِ الڳ هجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ بدامني جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌرڻو هڻندڙن جا سياسي ۽ ذاتي مقصد آهن، حڪومت پهرين ڏينهن ڌرڻو هڻندڙن سان اعليٰ سطحي ڳالهيون ڪيون، اسان چاهيون ٿا ته طاقت جو استعمال نه ٿئي، جنهن سان انهن جي مقصدن کي هٿي ملي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے