19 اربع , سيپٽمبر 2018

قومي سلامتي ڪميٽي پاران دشمن ايجنسين جي سرگرمين تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي پرڏيهي ايجنسين طرفان پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڪوششن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود، ٽنهي هٿياربندن فوجن جي سربراهن، پرڏيهي وزير خواجا آصف، گهرو وزير احسن اقبال، مختلف انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن باجوڙ ايجنسي ۾ چيڪ پوسٽ ۽ ڪوئيٽا ۾ پوليس تي حملي جي مذمت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ پرڏيهي ايجنسين طرفان پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڪوششن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته مخالف ايجنسيون پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، اجلاس ۾ بلوچستان جي سڪيورٽي صورتحال ۽ شرپسندن جي اچ وڃ روڪڻ لاءِ سرحدي انتظامن تي غور ڪيو ويو، ڪميٽي کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ بهترين آفيسرن جي مقرري تي عمل ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ فوجن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوششن سان بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي امن امان جي بهتر صورتحال کي ساراهيو، ڪميٽي بلوچستان جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت طرفان وڌيڪ وسيلن جي فراهمي ۽ ترقياتي منصوبن تي شفافيت لاءِ عملدرآمد يقيني بڻئاڻ جو مڪينزم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ واقعن تي به بريفنگ ڏني، جنهن جي روشني ۾ ڪميٽي پاڪستان جي مسلمان امت جي مفاد ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ 8، 9 ۽ 10 محرم الحرام تي موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 8، 9 ۽ 10 محرم الحرام تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے