21 جمعو , سيپٽمبر 2018

السيءَ سان ڪيو جلد ۽ وارَن جي حفاظت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اِلسي اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ سان مالا مال آهي، جنهن جا ننڍا ننڍا ٻج نه رڳو غذا جي حوالي سان فائديمند آهن پر اهي جلد ۽ وارَن جي بهتريءَ لاءِ به استعمال ڪري سگهجن ٿا. ان جو استعمال ڪرڻ کانپوءِ اسان يقين سان چئي سگهون ٿا ته توهان کي پارلر وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. ان کي وارن ۽ جلد لاءِ استعمال ڪرڻ جا ڪجهه تفصيل توهان کي ٻڌائجن ٿا.

1: هيئر جيل

ڪوپ جو چوٿون حصو السي هڪ ڪوپ پاڻي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ سڄي رات ڀِڳل رهڻ ڏيو، پوءِ هڪ پين ۾ ان مڪسچر کي هلڪي باهه تي پَچايو، جڏهن چڱيءَ طرح پچي وڃي ته پوءِ ان ۾ ليونڊر آئل جا ڪجهه ڦڙا وجهي ڇڏيو. مسڪچر ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن دٻي ۾ وجهي فرج ۾ رکي ڇڏيو. اها جيل وارن جي اسٽائلنگ لاءِ بهترين آهي ۽ هر قسم جي وارن تي استعمال ڪري سگهجي ٿي.

2: مٿي جي خُشڪي

مٿي مان خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ وهنجڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ وارن کي السي جو تيل لڳايو، ان جو باقائدي استعمال نه رڳو وارَن مان خشڪي ختم ڪندو پر انهن کي مضبوط ۽ چمڪندڙ پڻ بڻائيندو.

3: فيشل

هڪ چمچو السي جي تيل ۾ ان جيتري ئي ليمي جي رَس ۽ ٻه چمچا ماکي ملائي ان کي چهري تي لڳايو، اهو پيسٽ جلد لاءِ ڏاڍو فائديمند آهي، جڏهن ته ان سان چهري تي مساج به ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان جلد جي خشڪي ۽ چُٽا ختم ٿي ويندا.

4: الرجي

جن جي جلد گهڻي حساس هوندي آهي، انهن کي خشڪي يا ميڪ اپ سان الرجي ٿي ويندي آهي، ان کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪوڪو بٽر ۽ السي جو تيل گڏائي الرجي واري جاءِ تي لڳايو.

5: اسڪرب

السي جي پائونڊر، ڏهي ۽ ماکي کي برابر وزن جيترو ملائي ان سان 10 منٽن تائين اسڪن کي اسڪرب ڪيو ۽ پوءِ مُنهن ڌوئي ڇڏيو. ان سان توهان جو چهرو صاف ۽ نرم ٿي ويندو.

6: انکين جي ڀرسان ڪارا چُٽا

اکين جي ڀرسان ڪارا چُٽا ختم ڪرڻ لاءِ سمهڻ کان اڳ السي جو تيل لڳائي ڇڏيو، رڳو هڪ هفتي اندر ڪارا چُٽا ختم ٿي ويندا ۽ توهان جون اکيون پُرڪشش ٿي وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے