25 سومر , جون 2018

لنڊن حڪومت جو پاڪستان مخالف نعرن سان ڪو واسطو ناهي: برطانوي هاءِ ڪمشنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو چيو آهي ته لنڊن ۾ بلوچستان جي حوالي سان پاڪستان مخالف اشتهاري مهم سان برطانوي حڪومت جو ڪو واسطو ناهي. اسلام آباد ۾ مقرر ٿامس ڊريو طرفان برطانوي هاءِ ڪميشن هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته برطانيا، پاڪستان جي سلامتي جو مڪمل احترام ڪري ٿو. لنڊن ۾ بلوچستان بابت مشهوري مهم تي پاڪستان جي تاثرن کان چڱيءَ ريت واقف آهيون پر برطانوي حڪومت جو اهڙن بئنرن جي مشهوري سان ڪو واسطو ناهي، بلوچستان پاڪستان جو حصو آهي ۽ رهندو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني پرڏيهي کاتي برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو کي طلب ڪري لنڊن ۾ ٽيڪسي ڪيبز تي پاڪستان مخالف نعرن تي کٽڪن جو اظهار ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے