23 ڇنڇر , جون 2018

ڪوئيٽا ۾ ايس پي پٽ، نُنهن ۽ پوٽي سميت قتل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن گوليون هڻي ايس پي، سندس پٽ، نُنهن ۽ پوٽي کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ايس پي سٽي انويسٽيگيشن محمد الياس گهر ڀاتين سان گڏ شهر وڃي رهيو هو ته موٽر سائيڪل تي سوار اڻڄاتل هٿياربندن نوان ڪلي جي علائقي ۾ سندس گاڏي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ايس پي محمد الياس، سندس پٽ، نُنهن ۽ پوٽو شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس گهرواري زخمي ٿي پئي، جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز وڏي انگ ۾ علائقي کي گهيري هيٺ آڻي دهشتگردن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …