20 جمعو , جولاءِ 2018

نواز شريف 35 سال جمهوريت خلاف سازشون ڪيون: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف 35 سال جمهوريت جي خلاف سازشون ڪيون. تفصيل موجب لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف 35 سال جمهوريت خلاف سازشون ڪيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي، ن ليگ، پي ٽي آءِ سميت سمورن جي ڪيسن ۾ امتيازي سلوڪ نه هئڻ گهرجي ۽ هڪ ئي قانون هئڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ملاقات جو ڪو به امڪان ناهي، نواز شريف جا مسئلا ان جا پنهنجا آهن، مولانا فضل الرحمان نواز شريف جي دفاع ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو، گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ اسان پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا ۽ حڪومت اسان کي خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو جڏهن ته چونڊون وقت تي ئي ٿينديون.  هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪجهه انڪل مون کي ڇڏي ڏيندا پر جيالا ۽ ڪارڪن نه ڇڏيندا، بي بي شهيد کي به انهن جي انڪلن ڇڏي ڏنو هو، مون ته آئون ڪارڪنن ۽ جيالن سان گڏ رهندو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردن سان گڏجي اسان تي حملا ڪيا: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام وٽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے