26 جمعرات , اپریل 2018

سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس: نين تڪ بندين تي اتفاق پيدا ڪيو ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ نين تڪ بندين بابت اتفاق راءِ پيدا ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ قانون واري وزير زاهد حامد، وزيرن واري سفير عبدالقادر بلوچ، محمود خان اچڪزئي، غلام احمد بلور، شيخ صلاح الدين، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد ۽ جماعت اسلامي جو صاحبزادو طارق الله به شامل آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جو ڪو به ميمبر شريڪ ناهي ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ نادرا چيئرمين، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ شماريات واريون اختياريون به شريڪ آهن. اجلاس ۾ نين تڪ بندين بابت اتفاق راءِ پيدا ڪئي وئي جنهن جو بل پهرين ئي قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ شريڪ ايم ڪيو ايم جي شيخ صلاح الدين جو چوڻ هو ته آدم شماري تي ايم ڪيو ايم جا خدشا برقرار آهن ۽ جيڪڏهن انهن جا خدشا حل نه ٿيا ته بل تي اختلافي نوٽ ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے