19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان پارليامينٽ حملي ڪيس سميت 4 ڪيسن ۾ پوليس کي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصفا جي چيئرمين عمران خان دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي حڪم تي پوليس کي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. تفصيل موجب دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت گذريل ڏينهن عمران خان کي پارليامينٽ حملي ڪيس سميت 4 ڪيسن ۾ پوليس کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، پي ٽي آءِ جي چيئرمين چئني ڪيسن جو جواب پنهنجي وڪيل جي ذريعي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ جمع ڪرايو. جواب ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي خلاف ڌرڻو هنيو جنهن تي حڪومت منهنجو آواز دٻائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا. منهنجي خلاف ڪيس سياسي بنيادن تي داخل ڪيا ويا، هن چيو ته ڌرڻي دوران ڪارڪن پرامن ۽ معصوم هئا ۽ احتجاج اسان جو جمهوري حق آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan, who was trying to create a new Pakistan, has seen all this: Qamar Zaman Kaira

نواز شريف کي سدائين رليف ملندو رهيو، اڄ به ملي ويو: قمر زمان ڪائرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي اندازو هو ته اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے