24 منگل , اپریل 2018

عمران خان ۽ ليگي اڳواڻن خلاف چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان ۽ ن ليگ جي اسيمبلي ميمبرن خلاف چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪئي، تحريڪ انصاف جي چيئرمين تي جهلم ۽ ساهيوال ۾ ضابطا اخلاقي جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي، پي ٽي آءِ طرفان شاهد گوندل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران شاهد گوندل موقف اختيار ڪيو ته ضابطا اخلاق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن کي اپيل آهي ته اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي ملتوي ڪري. ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ائين ته تاريخون ئي ملنديون رهنديون، هن پڇاڻو ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان تي منع نامو ته جاري ناهي ڪيو، جيڪڏهن اسٽي آرڊر آهي ته ان جون ڪاپيون ڏنيون وڃن. شاهد گوندل جواب ڏنو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فائنل آرڊر ٻڌائڻ کان روڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسلام هاءِ ڪورٽ منع نامو جاري ناهي ڪيو، 4 ڊسمبر تي وڌيڪ جي وڪيلن جا دليل ٻڌنداسين ۽ حڪم نامو جاري ڪنداسين، سردار رضا حيات اين اي 120 ۾ چونڊ ضابطا اخلاق جي سمورين ڪيس جي ٻڌڻي به 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے