21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

اليڪشن ڪميشن: نواز شريف کي پارٽي جي صدارت کان روڪڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نواز شريف کي پارٽي جي صدارت کان روڪڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن ۾ نواز شريف کي پارٽي صدارت کان روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. درخواست جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ بينچ ڪئي، پر پي ٽي آءِ جو وڪيل بابر اعواڻ پيش نه ٿيو، درخواسگذار جي وڪيل اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي ته بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي وقت ڏنو وڃي. ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پارٽي صدارت بابت آئين ترميم ته ٿي وئي آهي. عوامي تحريڪ  جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڀاڻي اليڪشن ايڪٽ جي شق 203 معطل ڪري ڇڏي آهي جنهن جي تحت نااهل شخص پارٽي جي صدارت نٿو ڪري سگهي. چيف اليڪشن ڪشمنر ريمارڪس ڏنا ته عدالت پارليامينٽ جي ڪنهن به قانون کي معطل نٿي ڪري، ڪالعدم قرار ڏيندي آهي، سردار رضا حيات دليل ٻڌڻ کان پوءِ ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Protest of wasted social social activists

شريف ڀائرن عوام کي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو آهي: پرويز الاهي

گجرات ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے