24 بدھ , جنوری 2018

ڪراچي جا ٿاڻا ريڙهي وارن جي چندي تي هلندا آهن: سپريم ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر ۾ پارڪن مان حددخليون هٽائڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ٿاڻا ريڙهي وارن جي چندن ۽ پيسن تي پلجندا آهن جڏهن ته ايس ايڇ او حددخلين جي پيسن تي پلجي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ پارڪن مان حددخليون هٽائڻ واري معاملي تي درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته صدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بي انتها حددخليون ٿيل آهن، توهان هڪڙو ٺيلو هٽرائي ڏيکاريو، ٿاڻا ٺيلن جي چونندن ۽ پيسن تي هلندا آهن. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته سڄي شهر جو حال ڏسو، ڪي ايم سي سان گڏجي روڊن ۽ فٽ پاٿن تي حددخليون قائم ڪيون ويون آهن،  ايس ايڇ او تائين حددخلين جي پيسن تي پلجندا آهن جڏهن ته ڪي ايم سي ته پارڪ به مسواڙ تي ڏئي ڇڏيا ۽ فٽ پاٿن تي جنريٽر لڳرايا، جسٽس گلزار احمد ڪي ايم سي آفيسر کان سوال ڪيو ته اهو پيسو سرڪار وٽ ويندو آهي يا پنهنجي کيسن ۾ وڌو ويندو آهي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿي ويو ته پوليس مقابلو جعلي هو، نقيب الله کي بيگناهه ماريو ويو: ثناءَ الله عباسي

 ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءَ الله عباسي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے