20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

قوم جا اربين رپيا کائيندڙن کي ڪير هٿ به نٿو لڳائي، 2 لک ڪرپشن ڪندڙن کي ڦاهي تي چاڙهيون: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جو چوڻ آهي ته هاڻ ڇا 2-2 لک رپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي ڦاهي تي چاڙهيو ۽ جيڪي قوم جا اربين رپيا کايو ويٺا آهن انهن کي ته ڪير هٿ به نٿو لڳائي. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ضلعي ۾ ڊرينج ۽ سي سي بلاڪ جي 613 اسڪيمن جي نالي تي 1 ارب 70 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي ٻڌڻي ٿي، ايگزيڪٽو انجنيئر احمد، يوسف الله ميمڻ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. نيب جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ايگزيڪٽو انجنيئر احمد ابڙو نوٽيس جي باوجود جاچ ۾ شامل ناهي ٿي رهيو، جن جوابدارن 2 لک رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي اهو به پيش ناهن ٿيندا. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا ته ڇا هاڻ 2-2 ارب رپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي ڦاهي تي چاڙهيون، جيڪي قوم جا اربين رپيا کايو ويٺا آهن انهن تي ڪير به هٿ نٿو لڳائي، جيڪو آفيسر جاچ ۾ شامل نٿو ٿئي ان کي جيل موڪليو وڃي. نيب جي جاچ آفيسر طرفان چيو ويو ته جوابدارن جيڪي ترقياتي ڪم ڪيا اهي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ خراب ٿي ويا، جوابدار سرڪاري آفيسرن سان گڏجي منصوبن ۾ ناقص ميٽريل استعمال ڪيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهي شهر توهان جا پنهنجا آهن، گندگي مان ڪرپشن ڪندڙ به گذري ويندا آهن، جيڪڏهن منصوبن تي ٺيڪ ڪم ٿيندو ته ٻين سان گڏ توهان جا ٻار به بيمارين کان محفوظ رهندا. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخدوم امين فهيم هر سٺي ۽ بري وقت ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ رهيو: مراد علي شاهه

هالا(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مرحوم مخدوم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے