23 منگل , جنوری 2018

عدالتن جو ٻٽو معيار آهي جيڪو جلد پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو، جدوجهد جاري رکبي: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته احتساب کي ٻي ڪنهن جاءِ تان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اسان کي سزا ڏني نه پر ڏياري پئي وڃي. احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ پيشي جي موقعي تي عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته عدالتن جو ٻٽو معيار آهي جيڪو جلد پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو تنهن هوندي ان ٻٽي معيار جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته احتساب ٻي ڪنهن جاءِ تان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪو ڏوهه اسان ناهي ڪيو ان جو به اسان کان انتقام ورتو پيو وڃي.  هن چيو ته عدالت ۾ سياسي مخالفن جهڙا سوال پڇيا ويا، اسان کي سزا ڏني نه پر ڏياري پئي وڃي، منهنجي ڪيس ۾ ڪي ٻيا جڏهن ته ٻين جي ڪيسن ۾ ٻيا ضابطا اهن تنهن هوندي اهو احتساب نه پر انتقام آهي ۽ ان جي باوجود به اسان عدالتن جو احترام ڪيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته 1999ع ۾ به چيو ويو ته جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ واري ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏياري وئي، هن وقت به مون کي ڦاسايو ويو ۽ اڄ به اهو معاملو ورجايو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن جي گارنٽي ڏيڻ فوج جو ڪم ناهي، هڪ سيڪنڊ اڳ به حڪومت نه ڇڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چونڊن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے