19 اتوار , نومبر 2017

زمبابوين فوج راڄ ڌاني شهر جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو،  اقتدار تي قبضي جي ترديد

 هارارئي(ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ زمبابوي  ۾ فوج صدر رابرٽ موگا جي حڪومت جو تخت اوندهو ڪري اقتدار سنڀالي ورتو آهي. ان کان  پهريان 93 سالن  حڪمران جي رهائش گاهه جي ويجهو  فائرنگ جو آواز ٻڌا ويا ۽ راڄ ڌاني هراري ۾ زوردار ڌماڪو به ٿيو. جڏهن ته فوج سرڪاري ٽي وي جي هيد ڪوارٽر جو ڪنٽرول سنڀاليندي نشريات بند ڪري ڇڏيون آهن. ۽ راڄ ڌاني واري شهر جي روڊن تي فوجي ٽينڪ گشت ڪري رهيون آهن ۽ اهم سرسڪاري عمارتن جو ڪنٽرول به فوج سنڀالي ورتو آهي. هوڏانهن زمبابوين فوج جي ترجمان ميجر جنرل ايس بي مويو چيو آهي ته  فوج حڪومت ناهي سنڀالي، صدر موگابي جي آس پاس ڏهاري آهن انهن لاءِ صدر ۽ ان جي خاندان جي سيڪورٽي يقيني ڪري رهيا آهيون. فوجي ترجمان  شهرين کي پر امن  ڪندي غير ضروري طور تي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ  جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته زمبابوي جي حالت کي نظر ۾ رکندي امريڪا پنهنجي شهرين کي محفوظ رهڻ جي  هدايت ڪري ڇڏي آهي. ۽ برطانيه به پنهنجي شهرين جي صورتحال واضع ٿيڻ تائين گهرن ۾ رهڻ جو چيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ 3 هزار آمريڪي فوجي پهچي ويا آهن: پينٽاگون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): آمريڪي دفاع واري اداري پينٽاگون ٻڌايو آهي ته افغانستان ۾ 3 هزار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے