19 اتوار , نومبر 2017

پرويز خٽڪ جلد چونڊن جو عمران خان وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

پشاور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪيترائي ڀيرا وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪيو پر سندس ئي پارٽي جي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ان مطالبو کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ وڏي وزير پرويز خٽڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي ذڪر ئي نه ڪيو. ان بدران، ڪونسل جي جالاس ۾ جنهن تي اتفاق ڪيو ويو ان تي عملدرآمد جي صورت ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون وقت کان ڪرائڻ جا امڪان ختم ٿي ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ۽ پرويز ختڪ سميت سمورن وڏن وزيرن ان ڳالهه اتفاق ڪيو ته عام چونڊون ايندڙ سال پنهنجي وقت تي ٿينديون. عمران خان وقت کان اڳ اليڪشن پئي چاهي جڏهن ته حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن ۽ وڌيڪ مخالف ڌر پارٽين نه رڳو پي ٽي آءِ چيئرمين جي مطالبي کي رد ڪيو آهي ته پر اهو اظهار پڻ ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجي مدت مڪمل ڪري ۽ اليڪشن ايندڙ سال جي وچ ۾ پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجي.  تنهن هوندي اها ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز ختڪ، جنهن جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي، ان گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ وقت کان اليڪشن جو ذڪر ئي نه ڪيو. ان جي برعڪس، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته آئيني ترميم آندي وڃي جنهن جي تحت 2018ع جي عام چونڊون 2017ع جي آدم شماري جي بنياد تي ڪرايون وينديون ۽ اليڪشن ڪميشن 2017ع جي آدم شماري جي بنياد تي ايندڙ عام چونڊن لاءِ چونڊ تڪ بندين جو ڪم مڪمل ڪندي، تڪ بندين جو ڪم مڪمل ٿيڻ ۾ 5 کان 6 مهينا لڳي ويندا. گڏيل مفادن واري ڪونسل جي معاهدي موجب 2017ع جي آدم شماري جي عبوري نتيجن جو حتمي اعلان جلد ڪيو وڃي جيئن عام چونڊون 2017ع جي آدم شماري جي نتيجن موجب ٿي سگهن. ڪونسل جن ڳالهين تي اتفاق ڪيو ان تي عمل جي صورت ۾ جلد چونڊن جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو. ابتدائي طور تي پيپلز پارٽي آدم شماري تي  پنهنجي خدشن جي ڪري آئيني ترميم لاءِ تيار نه هئي پر سومر ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير حڪومت جي تڪ بندين جي 2017ع واري قانون  جي حمايت ڪئي ۽ آدم شماري جي عبوري نتيجن جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو.  گڏيل مفادن واري ڪونسل سنڌ جي وڏي وزير جي اها شرط قبول ڪئي ته 2017ع جي آدم شماري جي نتيجن جي حوالا سان سمورن صوبن جي هڪ سيڪڙو علائقن جي ٽئين ڌر کان تصديق ڪرائي وڃي. حد بندين جي قانون 2017ع ( ڊي لميٽيشن بل) جي تحت، جيڪڏهن عام سيٽن جو انگ 272 ئي رکي ويندي پر صوبن جي ايلوڪيشن ۾ آدم شماري جي نتيجن موجب تبديلي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …