19 اتوار , نومبر 2017

ماهرن  بک کي قابو ڪرڻ وارو هارمون ڳولهي ورتو

ٽيڪساس(ويب ڊيسڪ) ماهرن بک  لڳڻ يا نه لڳڻ ۾ هڪ هارمون جو اهم ڪردار دريافت ڪيو آهي جنهن جو طريقي ڪار سمجهي ٿولهه، شگر ۽ ٻين بيمارين جي علاج ۾ مدد ملي سگهي ٿي. جڏهن ته”ايسپروسن“ جي نالي سان هي هارمون دماغ ۾ بک جو احساس پيدا ڪندو آهي. ان کي قابو ۾ ڪري ٿولهه ۽ ٻين بيمارين جو علاج ڪري سگهجي ٿو. هيوسٽن ۾ واقع بيلر ڪاليج آف ميڊيسن جي ڊاڪٽر چوپرا ۽ ان جي ساٿين هن هارمون جي باري ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هي انساني جسم  ۽ دماغي  بک کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ هم ڪردار ادا ڪندو آهي. جڏهن ته هي هارمون دماغ جي هڪ اهم حصي ”هائپو ٿيلمس“ تي اثر انداز ٿي وزن ۽ بک کي به ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. اميد آهي ته هن هارمون سان ٿولهه کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هوڏانهن  کاڌو  نه کائڻ وارن ماڻهن ۾  هن سان بک وڌائڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب  نوشي ڪرڻ سان ست قسم جو ڪينسر ٿيندو آهي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)امريڪي ماهرن چيو آهي ته جيڪي ماڻهو شراب  پيئندا آهن اهي ست خطرناڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے