21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ٿي سگهي ٿو ته قوم 2018ع جون چونڊون نه ڏسي سگهي: فضل الرحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي امير ۽ چيئرمين ڪشمير ڪميٽي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته قوم 2018ع جون چونڊون نه ڏسي سگهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن سياسي قوتن ٻڌي جو مظاهرو نه ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته قوم 2018ع جي چونڊ نه ڏسي سگهي. سياسي پارٽيون قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ذريعي راءِ ٿي ته انهن شقن کي بحال ڪري، کيسا ڪٽيندڙن جي ڳولا آهي، اڃان رپورٽ سامهون ناهي آئي، اسان جو مطالبو آهي ته ان کي سامهون آندو وڃي. هن چيو ته سڄو اسلام  هن وقت آزمائش ۽ قرب جي دور مان گذري رهيو آهي، ڏکڻ ايشيا جي صورتحال سڀني لاءِ فڪر جوڳي آهي، اسان ملڪ ۾ داخلي ٻڌي کان محروم آهيون. هن چيو ته ڪشميري 70 سالن کان حق خوداراديت کان محروم آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، اسان جي خطي ۾ آمريڪا ۽ ڀارت جو مفاد گڏيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Protest of wasted social social activists

شريف ڀائرن عوام کي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو آهي: پرويز الاهي

گجرات ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے