19 اتوار , نومبر 2017

عوامي آواز نيوز | پرڏيهي پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن: مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪنهن حادثي کان بچڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مفاهمت وارو دڳ وٺڻ گهرجي، پرڏيهي پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ ملڪ جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 16 سالن کان آمريڪين جي مفاد کي ڏسي رهيا آهيون ۽ ملڪ اندر داخلي يڪجهتي کان محروم آهيون.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته چونڊون وقت تي ٿين ۽ مفاهمت جي بنياد تي سياست کي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ان لاءِ  ضروري آهي ته سياسي ماڻهو هڪٻئي کي ٻڌن.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪشميرين جو جيڪو حق گڏيل قومن تسليم ڪيو اهو ڀارت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اسان جيڪي پاليسيون جوڙيون آهن، اهي غلط ثابت ٿيون آهن………

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز:ٻهراڙيءَ ۽ ڳوٺن جا ماڻهو لطيف جي ٻولي، شاعري ۽ بيتن کي پنهنجي گفتگو ۾ شامل ڪن ٿا | پروگرام: طنبوري جي تار | پروگرام: طنبوري جي تار | ميزبان: حنيف ساگر، ميزبان:ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

عوامي آواز:ٻهراڙيءَ ۽ ڳوٺن جا ماڻهو لطيف جي ٻولي، شاعري ۽ بيتن کي پنهنجي گفتگو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے