22 آچر , جولاءِ 2018

دبئي کان لنڊن هاڻي 4 ڪلاڪن جو سفر

دبئي(ويب ڊيسڪ) دنيا جي مشهور ترين دبئي ايئر شو ۾ هڪ اهڙو جهاز متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو لنڊن کان دبئي تائين ساڍا 5 هزار ڪلو ميٽر جو سفر 4 ڪلاڪن ۾ طئي ڪرڻ جي صلاحت رکي ٿو. جڏهن ته دبئي ۾ عالمي ايئر شو  جاري ۾ جنهن ۾ پوري دنيا جا جهاز ساز ڪمپنيون پنهنجا جديد جهاز متعارف ڪرائي رهيون آهن. ائير شو ۾ هڪ اهڙو جهاز به پيش ڪيو ويو آهي جيڪو دبئي کان لندن ويندڙ مسافرن کي 4 ڪلاڪن ۾ ان جي منظر تائين پهچائي سگهي ٿو. بوم سپر سانڪ جي نالي سان مسافر برادر جهاز کي تيار ڪرڻ واري ڪمپني بوم  جي باني بليڪ شول پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته سپر سانڪ جهاز عام ايئر ڪرافٽ جهاز کان 2.6 سيڪڙو تيز رفتار آهي ۽ هي 55 مسافر کي کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جهاز جو باقاعده ڪمرشل پرواز  2020تائين ڪيو ويندو. ۽  هن جهاز جو ڪرايو ڪنهن  به ايئر لائن جي بزنس ڪلاس جي ٽڪٽ جي برابر هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Introduced the feature of the "Visible Snapshot" feature in the Google Assistant app

گوگل اسيسٽنٽ ايپ ۾” ويزوئل اسنيپ شاٽ“ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جديد دور ۾ انسان جي مصروفيتون ايتري حد تائين وڌي ويون آهن جو …