19 اتوار , نومبر 2017

نيب ريفرنسز: عدالت ۾ عدم پيشي تي حسن ۽ حسين نواز اشتهاري قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران مسلسل طلبي ۽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. قومي احتساب بيورو نيب پاناما ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ شريف ڪٽنب خلاف ٽي ريفرنس داخل ڪيا آهن جن ۾ لنڊن پراپرٽيز، العزيزيه مل ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ جا ريفرنس شامل آهن. احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر خلاف نيب ريفرنس ۾ ٽرائل شروع ٿيو. تفصيل موجب نواز شريف پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي سان گڏ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، نيب ڪورٽ جي جج محمد بشير ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي نيب ٽيم ۽ جوابدارن جي شاهدن پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. ٻڌڻي دوران ايس اي سي پي جي عورت آفيسر سدره منصور بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته 18 آگسٽ 2017ع تي نيب لاهور ۾  جاچ آفيسر جي سامهون پيش ٿيس ۽ نيب طرفان گهريل سمورا دستاويز جاچ آفيسر کي پيش ڪيا جن تي منهنجي صحيح ۽ آڱٺي جو نشان موجود آهي ۽ اصل دستاويز چيڪ ڪيو. شاهد سدره منصور عدالت کي ٻڌايو ته نيب کي ڏنل دستاويزن ۾ ڪورنگ ليٽر، ڪمپنين جي سالياني آڊٽ جي تصديق ٿيل رپورٽ شامل آهي جيڪا نيب کي حديبيه پيپر ملز جي 2000ع کان 2005ع تائين جي آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي، ان مدي واري رڪارڊ موجب نواز شريف ڊائريڪٽر رهيو نه شيئر هولڊر، 2000ع کان 2005ع تائين جي آڊٽ ۾ حديبيه پيپر ملز ۾ هڪ جهڙي رقم موجود ناهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته ڇا حديبيه ڪيس شيئر هولڊر ۾ نواز شريف جو نالو آهي؟ ان تي نواز شريف جي وڪيلن خواجا حارث ۽ امجد پرويز جرح دوران اعتراض واريندي چيو ته اهي فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون آهن اصل نه. جنهن جي جواب ۾ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب آرڊيننس موجب فوٽو ڪاپيون ئي ضروري هونديون آهن. جوابدارن جي شاهد سدرده منصور چيو ته ڪاپي ڪمپنين طرفان ايس اي سي پي کي ڏنيون ويون. ان تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته انهن دستاويزن تي ڪمپنين جي مهر يا سيل موجود ناهي. ايس اي سي پي جي عورت آفيسر چيو ته جي ناهي ۽ اهو ضروري به ناهي، نيب جي جاچ آفيسر کي بيان ۾ به اهو ئي ٻڌايو هو. خواجا حارث چيو ته انهن دستاويزن تي ته ڪمپنين جا ڪورنگ ليٽر به ناهي. جوابدارن جي شاهد چيو ته جي ناهن پر فائل مان چيڪ ڪيان ٿي، خواجا حارث سوال اٿاريندي چيو ته دستاويزن جي لاءِ توهان جي خط تي ڪمپنين جو جوابي خط ڪاٿي آهي. شاهد سدره منصور جواب ڏنو ته فائلن ۾ چيڪ ڪيان ٿي. نيب پراسيڪيوٽر مداخلت ڪندي چيو ته جيڪڏهن هن وقت موجود ناهن ته پوءِ پيش ڪجو. وڪيل صفائي سدره منصور جي ڏنل دستاويزن تي اعتراض واريندي چيو ته هي سمورن شاهدن کي ٻيهر گهرائيندا عدالت ڏسندي. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسان سمجهي سگهون ٿا ته هن تي ڪم جو گهڻو دٻاءُ آهي. ان تي جواخا حارث چيو ته نه اهڙي ڳالهه ناهي آئون رڳو اهو ڪيس وڙهي رهيو آهي، ڪم جو دٻاءُ ناهي. نواز شريف جوڪيل خواجا حارث ايس اي سي پي جي عورت آفيسر سدره منصور تي جرح مڪمل ڪري ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے