19 اتوار , نومبر 2017

نيب ريفرنس: نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر حاضري کان ڇوٽ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر نيب ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪلثوم نواز لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي، سندس عيادت لاءِ وڃڻو آهي، عدالت کان اپيل آهي ته هنن کي 20 نومبر کان هڪ هفتي لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، عدالت جڏهن گهرائي پيش ٿينداسين. درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته نواز شريف جي غير حاضري ۾ سندس نمائندا ظافر خان جڏهن ته مريم نواز جو نمائندو جهانگير جدون هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے