23 منگل , جنوری 2018

تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي، عالمن مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو: طارق فضل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن تي عالمن مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته پرامن طريقي سان مسئلي کي حل ڪيو وڃي ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو وڃي جيئن عوام کي گهٽ ڏکيائيون اچن. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي چيئرمين راجا ظفر الحق جي سربراهي ۾ پارٽي جي اعليٰ قيادت تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي. تحريڪ لبيڪ جي عالمن ان ڪميٽي سان ملاقات به ڪئي جنهن ۾ عالم ان ڪميٽي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن جي گارنٽي ڏيڻ فوج جو ڪم ناهي، هڪ سيڪنڊ اڳ به حڪومت نه ڇڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چونڊن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے