19 اتوار , نومبر 2017

اڪيلي سِر جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، اسٽيبلشمنٽ ۽ عدالتون گڏجي مضبوط ڪن: سعد رفيق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هڪ طبقي جي ڪوششن سان جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، اسٽيبلشمنٽ، عدالتون سڀ گڏجي جمهوريت کي مضبوط ڪن. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي جمهوريت کي مضبوط ڪن، پارليامينت کي ڇو ٽوڙيو وڃي، ڪهڙو سبب آهي؟ ڇا هن ملڪ ۾ اها ئي راند ٿيندي آهي؟ هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪا به حڪومت ايندي آهي ان کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي، اسان حڪومت جو مدو جنهن ريت پورو ڪيو پيو وڃي اهو سڀني جي سامهون آهي، رنڊڪون وجهي اسان جو رستو روڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے