19 اتوار , نومبر 2017

حڪومت ۽ آبادگارن جون ڳالهيون بنا نتيجي ختم، سڀاڻي هڪ هڪاڻي، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد (رپورٽرز)  زراعت واري صوبائي وزير جي آبادگارن سان گڏجاڻي بنا نتيجي ختم، ڪمند جي اگهه ۽ پيڙائي جا معاملا طئه نه ٿيا، سڀاڻي پاسما ۽ آبادگارن جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو. ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي ۾ زراعت کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ ڪمند جي اگهه وارو معاملو نبيرڻ لاءِ آبادگارن سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري زراعت ساجد جمال ابڙو، ڪين ڪمشنر سنڌ آغا ظهير، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي نمائندن نبي بخش سٺيو، سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر، عبدالله رهاڻ، سنڌ آبادگار بورڊ جي محمود نواز شاهه، محفوظ عرساڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جي حوالي سان اتفاق نه ٿيڻ سبب اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، جڏهن صوبائي وزير سهيل انور سيال آبادگارن کي سڀاڻي خميس ڏهاڙي آبادگارن ۽ پاسما جي گڏيل اجلاس ۾ ملوم هلائڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن موجب اجلاس ۾ شريڪ آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته کين ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ في مڻ اگهه 182 رپيا گذريل سال وارو مقرر ڪيو وڃي، سندن چوڻ هو ته گذريل سال ڪمند جو اگهه 182 رپيا مڻ هو، هن ڀيري اسان آبادگارن کي 200 رپيا في مڻ ٿيڻ جي اميد هئي. اجلاس ۾ آبادگار اڳواڻن وقت سر شگر ملون نه هلڻ ۽ ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن تي صوبائي وزير سهيل انور سيال خميس تي معاملو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن موجب آبادگارن ۽ حڪومت وچ ۾ ڪمند جي اگهه تي اتفاق نه ٿيڻ سبب اجلاس بنا نتيجي ختم ڪرڻو پئجي ويو ۽ سڀاڻي واري اجلاس ۾ پاسما وارن کي پڻ اچڻ جو چيو ويو آهي. اجلاس کانپوءِ صوبائي وزير سهيل انور سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ڌرين سان ڳالهيون ٿيڻ کانپوءِ سڀاڻي 16 نومبر تي پاسما ۽ آبادگارن جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو ويو آهي اميد ته معاملو حل ٿي ويندو. رابطو ڪرڻ تي سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي نبي بخش سٺيو چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اگهه هڪ رپيو به ڪٽوتي ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان حڪومت کي ڪمند جي اگهه جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪرڻ ۽ ملون دير ۾ دير 25 نومبر تي هلائڻ جي تاريخ ڏني آهي، ڪمند جو 182 رپيا اگهه نه مليو ته احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين، اميد آهي ته حڪومت سڀاڻي واري اجلاس ۾ معاملو ڪرائيندي.

گهوٽڪي/ سرحد/ تلهار (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ شگرملون نه هلڻ خلاف مختلف شهرن ۾ آبادگارن ۽ سياسي، سماجي جماعتن احتجاج ڪيو آهي. گهوٽڪي، تلهار ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. گهوٽڪي ۾ مظهر علي ڀيو، عزيز الله ڀارو، حاجي محمد مهر، مريد خان سومرو، نظير احمد اوڳاهي، محمد سليمان پتافي، حفيظ احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هارين احتجاج ڪندي دانهيو ته سنڌ ۾ شگرملون شروع نه ٿيڻ سبب آبادگارن جو معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي. آڪٽوبر مهيني ۾ شگرملون شروع ٿيڻ  گهرجن ها پر اڃا تائين شگرملن جون چمنيون به ناهن ٻاريون، شگرملون نه هلڻ ڪري آبادگارن جو هزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فيصل سڙي ۽ سڪي رهيو آهي. جڏهن ته آبادگار ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري وقت سر ڪڻڪ جي پوکي به نه ڪري سگهندا. احتجاج ڪندڙن چيو ته شگرمل مالڪ شگر ڪين ايڪٽ کي نظر انداز ڪري آبادگارن سان ناانصافي ڪري رهيا آهن. آبادگارن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته بند پيل شگرملن کي فوي طور هلائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن ۽ ڪمند جو سرڪاري اگهه 250 رپيا مقرر ڪيو وڃي. تلهار ۾ شگرملون نه هلڻ خلاف پ پ شهيد ڀٽو تلهار جي ڪيترن ئي ڪارڪنن غلام مصطفيٰ گاڏهي، غوث محمد شاهه، عفور دلواڻي ۽ ديدار جتوئي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تلهار اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي سنڌ حڪومت خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي وئي. جتي هنن چيو ته شگرمون وقت سر نه هلائي سنڌ جي آبادگارن کي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڪمند جو فيصل به هاڻي سڪي کوکلو ٿي ويو آهي. هنن چيو ته فوري طور شگرملون هلائي سنڌ جي آبادگارن کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ رستا بند ڪيا ويندا. 029

هي به ڏسي سگهو ٿا

شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے