19 اتوار , نومبر 2017

ڌارين کي سنڌ جي سڃاڻپ ڏيڻ وارو فيصلو رد، آچر تي مظاهرن جو اعلان

ڪراچي/ گلشن اقبال ( رپورٽ : علي وقار/ شفقت نوناري  ) سنڌ جي قوم پرست ڌرين ڌارين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪندي،  19 نومبر تي سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، اڳواڻن چيو آهي ته سينيٽ، قومي توڙي صوبائي اسميبلي ۾ ڌارين کي مستقل ڪرڻ جي قانونسازي ڪرڻ جي صورت ۾ سنڌ جو عوام اٿي کڙو ٿيندو، سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت 35 لک افغان پناهگيرن کي واپس سندن ملڪ موڪلڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي جڏهن ته ڌارين لاءِ ڌار ڪئمپون قائم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ حيدر منزل تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ ڌارين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان اي پي سي گهرائي وئي، جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ اندر رهندڙ بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت ڌارين کي شهريت ڏيڻ واري مسئلي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سڀني شرڪت ڪندڙ پارٽين يڪراءِ  اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به غير ملڪي آبادي کي قانوني حيثيت ڏيڻ سنڌ جي قومي وحدت جي بقا خلاف سازش هوندي ۽ اهڙي سازش خلاف سنڌ جون سموريون قومي سوچ رکندڙ جماعتون هڪ پليٽ فارم تي متحد هونديون. اسين متفقه طور تي خاص ڪري وفاقي وزير طلال چوڌري ۽ گورنر سنڌ محمد زبير توڙي سياسي جماعتن جي بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، جيڪي برمين، بنگالين ۽ افغانين سميت ڪنهن به ڌاري کي ملڪي شهريت جو حق ڏيڻ جي حمايت ڪن ٿا. سنڌ هڪ تاريخي قومي وحدت طور سان پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي آهي ۽ انهي وفاق اندر سنڌ کي پنهنجي ڊيموگرافي جي تحفظ جو آئيني حق حاصل آهي. اسين پاڪستان جي سينيٽ ۾ اهڙي قسم جي ڪنهن به ٺهراءَ کي رد ڪريون ٿا ۽ خبردار ڪريون ٿا ته وفاقي توڙي سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪڏهن ڪا به اهڙي قانونسازي ڪئي وئي ته جنهن سان سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني غير ملڪين کي شهريت جو حق مليو ته انهيءَ خلاف سنڌ جو عوام هر قسم جي جدوجهد ڪرڻ جو حق رکي ٿو. سنڌ جي ڊيموگرافي جو سوال، سنڌ جي قومي مفادن جو اهم حصو آهي، جنهن جي ڪري سنڌي ماڻهو ڪنهن به ڌاري آبادڪاري کي سنڌ ۾ قبول نه ڪندو. اسين گهر ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ رهندڙ برمين، بنگالين ۽ افغانين کي غير ملڪي طور رجسٽرڊ ڪري محدود حدن ۾ ڪيمپن اندر  رهايو وڃي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت 35 لک افغان پناهگيرن کي واپس سندن ملڪ موڪلڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي. اجلاس ۾ گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته 19 نومبر 2017ع تي سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، جڏهن ته انهي سلسلي ۾ 28 نومبر 2017ع تي سڀني پارٽين جو سربراهي اجلاس حيدر منزل تي ٿيندو، جنهن ۾ آئينده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي جمهوري پارٽي جي سربراهه امان الله شيخ چيو ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي جو جيڪو  به ڪنهن صوبي مان ڪاوڙجي وڃي اهو  پنهنجا بسترا کڻي سنڌ اچي پهچي، سنڌ جي عوام کي بنا ڪنهن دير جي ڌاري آباد ڪاري خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، جسقم آريسر جي چئيرمين ميرعالم مري چيو ته ڌاري آبادڪاري سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي، جيڪڏهن ڌارين کي نه روڪيو ويو ته ايندڙ ڪجهه ئي سالن ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو، ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ واري عمل ۾ سنڌ جون سڀئي قوم پرست جماعتون هڪ پليٽ فارم تي آهن، جسقم جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته هڪ سازش ذريعي سنڌ ۾ ڌارين کي گهرايو پيو وڃي، وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کي گهرجي ته ڌارين کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ انهن لاءِ الڳ ڪئپمون قائم ڪيون وڃن، ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار سومري چيو ته سنڌ ۾ تيزي سان ڌاريا آباد ٿي رهيا آهن، جنهن کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ڪراچي ۾ ڌارين جي اچڻ سان بدامني ۾ اضافو ٿيو آهي. جيڪڏهن ڪيو افغاني ڏوهه ڪري ٿو ته پوليس جي پڪڙ ۾ سنڌي اچي وڃن ٿا جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نواز خان زنئور، علي نواز ٻٽ، رسول بخش خاصخيلي، مظهر راهوجو، فتاح چنه، نسيم شاهاڻي، اسلم بلوچ، مشتاق ميراڻي، جي اين مغل ۽ گل حسن ڪلمتي سميت سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.0629

هي به ڏسي سگهو ٿا

شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے