26 جمعرات , اپریل 2018

گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار رپيا تي عمل نه پيو ٿئي: سنڌ حڪومت

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي پ پ  ايم پي اي خيرالنساءَ مغل جو گهريلو ملازمن جي تحفظ جي قانون ٺاهڻ ۽ انهن کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ  پيش ڪيل خانگي ٺهراءُ اسٽينڊنگ ڪميٽي ليبر کي موڪلي ڇڏيو آهي، سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ خانگي ٺهراءُ پيش ڪندي خيرالنساءَ مغل چيو ته گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو تحفظ ۽ انهن کي رجسٽرڊ ڪرڻ لازمي آهي، ملازمت واري هنڌ ٻارن سان زيادتي ڪئي وڃي ٿي، ان کان بچڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان تي سينيئر وزير نثار کهڙي چيو ته اسان وٽ بيروزگاري وڌيڪ آهي، گهريلو ملازمت وائيٽ ڪالر واري نوڪري نه آهي، هتي ته استاد به 3 هزار رپيا مهيني تي ڪم ڪري ٻچا پالين ٿا، هن چيو ته سرڪار هر ملازم جي پگهار 15 هزار مقرر ڪئي هئي ان تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي، 18 سالن کان گهٽ عمر واري کان نوڪري نه ڪرائڻ جو به بل پاس آهي پر ڪٿي نه ڪٿي ٻار پورهيو ڪن پيا، اسان کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن تي عمل به ڪري سگهون، ان بعد خانگي ٺهراءَ کي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪليو ويو.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ حڪمران پئسا چورائي ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا، هاڻ پاليسيون غريبن لاءِ ٺهنديون: عمران

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے