24 بدھ , جنوری 2018

دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ختم نه ٿي ڪري سگهي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ختم نه ٿي ڪري سگهي، هر قسم جي روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي پيشيوراڻي تياري مڪمل آهي، ملڪ جي بچاءَ لاءِ سڀني رياستي ادارن کي مفاد ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن منگلا ڪور جي دوري دوران آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب دوران ڪيو. جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته قائداعظم چيو هو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ختم نه ٿي ڪري سگهي، اسان ڊگهي سفر کان پوءِ چئلينجن تي ضابطو آندو آهي، انشاءَ الله پاڪستان جلد عالمي قومن جي پهرين صف ۾ شامل ٿيندو. هن چيو ته ترقي لاءِ رڳو پختي عزم ۽ قوم طور متحد رهڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايس پي آر جي ترجمان موجب دوري دوران آرمي چيف تربيتي مشقن جو جائزو ورتو ۽ جوانن جي حوصلي توڙي تربيتي معيار جي واکاڻ ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته  اولهندي سرحد تي  دشمن  جي موجودگي ۽ ملڪي سلامتي جي فرصن باوجود اسان روايتي خطرن کان غافل رهي نه ٿا سگهون.هن وڌيڪ چيو ته اسان درپيش چئلينجز اعليٰ ترين فوجي تربيت۽ آپريشنل تيارين جي تقاضا ڪريون ٿا02

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ ٻچن جي بک نه سهي پورهيت پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي شاھ بهارو ڪالوني جي رهواسي بيروزگار نوجوان محمد علي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے