20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ايران ۽ عراق زلزلي ۾ فوتين جو انگ 550 کان وڌي ويو، 7 هزار زخمي

تهران / بغداد ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۽ عراق ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 550 کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته زخمين جو تعداد 7 هزار کان وڌيڪ آهي. آفٽر شاڪس جي خدشن سبب شهرين جو وڏو انگ گهرن مان ٻاهر روڊن تي پناهه وٺي ويٺل آهي، وڏي تعداد ۾ عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب سڀ کان وڌيڪ نقصان عراقي سرحد سان ملندڙ صوبي ڪرمان شاهه جي علائقي سرپل ذهاب ۾ ٿيو آهي. صوبي جي ڊپٽي گورنر سرڪاري ميڊيا کي ٻڌايو ته صوبي ۾ زلزلي سبب 420 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. عراق ۾ 30 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 50 زخمي آهن. ريڊ ڪريسنٽ جي سربراهه مرتضيٰ سليم ٻڌايو ته 8 ٻهراڙين کي نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي ۽ مواصلات جو نظام متاثرٿيو آهي. ايران زلزلي متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن گذريل ڏينهن ختم ڪري ڇڏيو. سرڪاري ٽي وي تي جاري هڪ بيان موجب اولهه سرحدي صوبي ڪرمان شاه ۽ ٻين علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن کي ختم ڪيو ويو آهي. ايمرجنسي ميڊيڪل سروسز جي سربراهه پير حسين خوليوند چيو آهي ته ريسڪيو آپريشن ختم ڪندي هاڻي سمورو ڌيان زخمين جي علاج ۽ متاثرن جي بحالي جي قدمن ڏانهن ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته زلزلي کان پوءِ 193 آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن. ياد رهي ته زلزلي سبب ايران جا 14 صوبا متاثر ٿيا آهن. ايراني صدر حسن روحاني تازي زلزلي متاثر علائقن جو دورو ڪندي انهن جي نئين سر تعمير واري عمل ۾ تيز رفتاري جي خاطري ڪرائي آهي، هن چيو ته انتظاميا گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ايئن ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ مالي سهڪار سميت متاثرن کي قرض به فراهم ڪيا ويندا، صدر روحاني زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪندڙ پرڏيهي اڳواڻن جا به ٿورا مڃيا.0629

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے