20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

بلوچستان لاءِ 10 سالن جي پيڪيج جو اعلان، چونڊون وقت تي ٿينديون، جمهوريت هلندي رهندي: وزيراعظم

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بلوچستان لاءِ 10 سالن جي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اسڪول، بجلي، گئس ۽ صاف پاڻي جي فراهمي شامل هوندا، ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت هلي رهي آهي، جيڪا جون 2018 ع ۾ مدو پورو ڪندي ۽ ٻن مهينن بعد چونڊون ٿينديون،سندس چوڻ هيو ته حڪمراني آئين موجب ٿيندي آهي ۽ قانون جي بالادستي قائم رهڻ گهرجي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بلوچستان لاءِ 10 سالن جي پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته ان پيڪيج ۾ اسڪول، گئس، بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي شامل هوندي، هن چيو ته گئس، بجلي، پاڻي جي اسڪيمن تي ڪم ڪيو ويندو، جڏهن ته گئس جي اسڪيمن تحت هر ضلعي ۾ ايل پي جي پلانٽ لڳي رهيو آهي، سندس چوڻ هيو ته بلوچستان پيڪيج جو اڌ فنڊ وفاق ۽ اڌ صوبائي حڪومت ادا ڪندي ۽ ڪوشش هوندي هر ٻئي مهيني ڪوئيٽا اچي ان عمل جو جائزو ورتو وڃي.هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءَ الله زهري، گورنر محمد خان اچڪزئي ۽ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوه سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري چيو ته بلوچستان ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته بلوچستان ۾ امن لاءِ سڪيورٽي فورسز جون قربانيون ضايع  نه ٿينديون. هن چيو ته وفاقي سرڪار بلوچستان ۾ امن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت سان هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي.0629

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے