20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

عمران آف شور ڪمپني نه ٻڌائي، ڏسڻو آهي ته ايماندار آهي يا نه: چيف جسٽس

 اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )سپريم ڪورٽ عمران خان جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اهو نه سمجهو وڃي ته فيصلو سڀاڻي ئي اچي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن کان آگاهه آهي، هڪ دفعو موقف اختيار ڪرڻ کانپوءِ ڦري نه ٿا سگهن. هن چيو ته ڪيس ۾ 3 سوال اٿاريا ويا هئا، سورس آف لنڊن پراپرٽي، ڪيتري اگهه تي وڪرو ڪيو ويو، رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي، لنڊن پراپرٽي پاڪستان ۾ ڪڏهن ڊڪليئر ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته عمران خان لکت جواب کان اڄ تائين ڪو به يوٽرن نه ورتو آهي ۽ نه وري سندس ڪنهن بيان ۾ تضاد آهي. نعيم بخاري چيو ته لنڊن فليٽس جي مني ٽريل عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي جنهن کي ايمنسٽي اسڪيم ۾ ظاهر ڪيو ويو،  جڏهن ته آف شور ڪمپني ۾ عمران خان ڊائريڪٽر ناهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته لنڊن فليٽ ظاهر ڪيو ويو پر آف شور ڪمپني ظاهر نه ڪئي وئي. درخواستگذار جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته عدالت عمران خان کي بيان ۾ تبديلي جي اجازت نه ڏني آهي. نعيم بخاري چيو ته نيازي سروسز لميٽيڊ جي اڪائونٽ ۾ هڪ لک پائونڊ رکيا ويا، جولاءِ 2007ع ۾ عمران خان جي اڪائونٽ ۾ 20 هزار يورو آيا، مارچ 2008ع ۾ عمران خان جي اڪائونٽ ۾ 22 هزار يورو آيا ۽ اها رقم 2012ع ۾ ڪيش ڪرائي وئي. نعيم بخاري چيو ته عمران خان جي رٽرنز تي اليڪشن ڪميشن اعتراض نه ڪيو، ڪجهه لڪايو وڃي ها ته رٽرننگ آفيسر دستاويز رد ڪري ڇڏي ها. ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته اثاثا لڪائڻ ۽ غلطيءَ ۾ فرق آهي، عمران خان يورو اڪائونٽ ظاهر نه ڪيو آهي، يورو اڪائونٽ ڪڏهن ۽ ڪيتري رقم مان کولرايو ويو؟ نعيم بخاري چيو ته اڪائونٽ تڏهن کوليو ويو جڏهن عمران خان ايم اين اي هو، اهو اڪائونٽ لنڊن فليٽ جي عدالتي ڪارروائي دوران کوليو ويو ۽ اها رقم عمران خان پاڪستان آندي. وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ عمران خان جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سچ ڳالهائڻ جو فائدو اهو آهي ته توهان کي ياد نه رکڻو پوندو آهي ته توهان پهريون ڇا ڳالهايو هو. هن چيو ته مجموعي تصوير سامهون رکي ڏسڻو آهي ته بدديانتي ٿي آهي يا نه ٿي آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان سچ جي ڳولا لاءِ ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون.حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته ڪوڙي ڊگري ڪيس ۾ عدالت ماضي جي غلط بياني تي ڪامياب اميدوار کي نااهل قرار ڏني ته ڪيئن رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته عمران خان کي عدالت بيان مٽائڻ جي اجازت ناهي ڏني. اڪرم شيخ چيو ته عمران جمائما جا اثاثا به ناهن ٻڌايا. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے