20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

آدمشماري تي وفاق تڪڙ ڪئي، متحده ۽ پي ايس پي کي ڪراچي جو امن بگاڙڻ نه ڏينداسين: مراد شاهه

ٺٽو /ڌاٻيجي (رپورٽ شبير ڀٽي+ مقصود جوکيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ڪيٽي بندر رٿا شهيد بينظير ڀٽو جو خواب آ، جنهن کي مڪمل ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين آدمشماري بابت خدشا برقرار آهن.وفاق منهنجا ٻئي مطالبا مڃيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ساحل ويلفيئر ٽرسٽ ٺٽو پاران اکين واري اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته غريب عوام جي خدمت ڪرڻ پنهنجي قائد شهيد بينظير ڀٽو کان سکيو آهي. هن چيو ته آصف زرداري اسان کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جو تصور ڏنو، جنهن تي اسان بهترين ڪم ڪيو، اڄ به پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ قانون ۽ يونٽ پوري ملڪ ۾ ماڊرن يونٽ طور مڃيو وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٺٽي ۾ سنڌو درياءُ تي اڏيل دولهھ درياءَ خان پل کي نئين سِر تعمير ڪرائي عوام جي سفري سهولتن کي آسان بڻايو. جڏهن ته پاڪستان ۾ سنڌو درياءُ تي اڏيل وڏي ۾ وڏي اڏيل پُل ملاڪاتيار جھرڪ کي ٺهرائي رڪارڊ قائم ڪيو آهي ۽ ان پُل جو سمورو خرچ سنڌ حڪومت پاڻ برداشت ڪيو ۽ وفاقي حڪومت پاران هڪ ٽڪو به نه ڏنو ويو. گھارو کان ڪيٽي بندر تائين روڊ جي مرمت لاءِ ورڪس کاتي کي هدايتون جاري ڪيون آهن. سامونڊي پٽي ۾ بچاءٌ بند جي مرمت پڻ ڪرائي ويندي. هن چيو ته ڪيٽي بندر رٿا شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو، جنهن رٿا لاءِ وزيراعظم کي مون خط لکي آگاھ ڪيو هو ته هِن رٿا کي اوليت جي بنياد تي شروع ڪرايو وڃي، جنهن جي منظوري پڻ چائنا جي بيجنگ شهر ۾ چائنا جي حڪومت سان ڪيل معاهدي ۾ پڻ ڏني وئي، جنهن جي اسان فزيبلٽي نئين سر ايپڪ ۾ کڻي منظور ڪرائينداسين ۽ هتي پورٽ ٺهرائينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آدمشماريءَ جي معاملي تي وفاق تڪڙ جو مظاهرو ڪيو، 25 آگسٽ واري اجلاس ۾ آدمشماري منظور نه پر نتيجا شايع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل واري اجلاس ۾ آدمشماري مامري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، مون وزيراعظم سان ملاقات دوران آدمشماريءَ تي خدشن بابت آگاهه ڪيو جن تي اجلاس ۾ بحث ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ماڻهو جي ڳڻپ گهٽ ڪئي وئي. 25 آگسٽ واري اجلاس ۾ آدمشماري کي منظور نه پر نتيجا شايع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي وفاق ڪجهه وڌيڪ تڪڙ ڏيکاري. هن چيو ته صوبائي آدمشماري کي تڪ بندين لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت گهري هئي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڪوبه ڪارڪن نه چاهيندو ته عام چونڊون ملتوي ٿين. هن چيو ته سي سي آءِ اجلاس ۾ مون کانسواءِ ڪنهن به نه ڳالهايو، خيبر پختون خواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ تڪ بندين بابت هڪ لفظ به نه ڳالهايو. هن چيو ته مون آدمشماري جا نتيجا پبلڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ٽي سيڪڙو بلاڪن جي ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي وزيراعظم ۽ آدمشماري عملدارن منهنجا ٽئي مطالبا مڃيا آهن. ڪيٽي بندر رٿا بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪيٽي بندر رٿا تمام وسيع آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عزم تي هلندي ڪيٽي بندر رٿا سندس حڪومتي دور ۾ منظور ڪرائي وٺنداسين. ڪيٽي بندر رٿا بابت ڪيل ماضيءَ ۾ ڪيل واعدا ياد آهن، ڪيٽي بندر ۾ پاور پلانٽ ٺاهيو ويندو جتي 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ بندرگاهه سميت ٻيون اهم شيون به رٿا ۾ شامل آهن، جهڙي طرح گهارو ۽ گهگهر جمالي کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو درياهه تي تعمير ٿيندڙ پُل، ڪراچي کان ٺٽو 94 ڪلوميٽر ڊگهو چئن لائنن واري روڊ جي تعمير پڻ آخري مرحلي ۾ آهي، ڪيٽي بندر کان علي بندر تائين ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير وغيره شامل آهن. ڏورانهن علائقن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کي جاري ڪرڻ لاءِ نادرا جون گاڏيون موڪليون وينديون. هن چيو ته سنڌ پيپلز امن ايمبيولينس سروس ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ترت صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏنيون ويون آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عمران خان ماڻهن کي دوکو ڏنو آهي. هن چيو ته جنهن ڏينهن ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي جو اتحاد ٿيو اسان چيو هو ته سٺي ڳالهه آهي، پر ڪجهه ڪلاڪن ۾ اتحاد ختم ٿي ويو. اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪراچيءَ جي امن امان کي خراب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران تڪڙ ٿو ڪري، پر عام چونڊون ايندڙ سال آگسٽ تائين ٿينديون ۽ حتمي آدمشماري جا نتيجا 23 اپريل 2018ع تائين ظاهر ڪيا ويندا.‏ هن چيو ته هڪ وفاقي وزير اسيمبليءَ ۾ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي آدمشماريءَ تي ڪو به اعتراض نه آهي. جيڪي خدشا شهرن جي آبادي ۽ ٻهراڙي وارن گهراڻن جا هئا اهي سي سي آءِ اجلاس سامهون سڀني اڳيان رکيا هئا، جنهن تي انهن چيو ته تڪ بنديون ڪريون يا عام چونڊيون وقت تي نه ٿي سگهنديون، ان موقعي تي ناصر شاهه، عثمان ملڪاڻي، افضل آرائين، غلام قادر پليجو صادق ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے