20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم، وارنٽ جاري

اسلام آباد(م ڊ ) احتساب عدالت اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيڻ تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت نئب ريفرنسن جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي سندس ضامن احمد علي قدوسي عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران معزز جج محمد بشير اسحاق ڊار جي ضامن کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار ڪڏهن پيش ٿيندو، جنهن تي ضامن جواب ڏنو ته اسحاق ڊار کي مڪمل صحتياب ٿيڻ ۾ٽن کان 6 هفتا لڳندا. احتساب عدالت جي جج سوال ڪيو ته 6 نومبر تي موڪليل ميڊيڪل رپورٽ ۾ 3 کان 6 هفتن جو ذڪر آهي ته ڇا 3 هفتا گذري نه چڪا آهن. ان موقعي تي نئب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪيس جو جاچ آفيسر لاهور ۾ آهي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ عدالت ۾ پيش ٿيندو. ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ نئب طرفان اسحاق ڊار جي ضمانت ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽن بابت عملدرآمد رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار ڄاڻي واڻي پاڻ کي عدالتي ٽرائل کان بچائي رهيو آهي. ٻڌڻي کانپوءِ احتساب عدالت اسحاق ڊار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ ضامن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے