20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

نالن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم، ڪراچي ۾ ساهه کڻڻ لاءِ به جاءِ ناهي:سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ نالن جي صفائي ۽ حد جي  تعين جي حوالي سان ڪي ايم سي کان ڪراچي جو اصل ماسٽر پلان طلب ڪندي نالي تي موجود هر قسم جون  حدخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪراچي واسين لاءِ ساهه کڻڻ جي جاءِ به نه ڇڏي وئي آهي.ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس سجادعلي شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي ۾ نالن جي صفائي ۽ حد جي تعين ڪرڻ حوالي سان ڪي ايم سي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت سينيئر ڊائريڪٽر ماسٽر پلان محمد سرفراز خان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شهرين جو ساهه کڻڻ  مشڪل ٿي ويو آهي. توهان ڪراچي سان ڇا ڪري رهيا آهيون. محمد سرفراز خان چيو ته نالي جي اصل ويڪر 35 فٽ آهي. هن چيو ته مارڪيٽون ٺاهڻ جي منظوري ايس بي سي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏني وئي آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عدالت کان توهان سڌو جيل ويندو. توهان ڪراچي سان بي شرمي واريون حرڪتون ڪري رهيا آهيو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته شهر کي تباهه ۽ نالن کي بند ڪري ڇڏيو اٿو. گذريل برسات ۾ سمورو شهر تباهه ٿي ويو.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سرڪاري ادارن جو ڪم آهي ته نالن تي دڪان ٺاهي ناڻو ڪمائي شاهراهه فيصل سميت ٻيو ڪهڙو روڊ قابل آهي. ڪراچي کي اصل ادارن جي حوالي ڇو نٿا ڪري ڇڏيو.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے