20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

اسلام آباد جا شهري 9 ڏينهن کان يرغمال، حڪومت ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام

اسلام آبا د(بيورو) اسلام آباد ۾ مذهبي پارٽين لبيڪ يا رسول الله ۽ سني تحريڪ طرفان هنيل ڌرڻو نائين ڏينهن به انتظاميا ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئيڌرڻي سبب فيض آباد وٽ ٽريفڪ لاءِ روڊ بند آهي، ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته ڌرڻي سبب سڄو شهر متاثر ٿي رهيو آهي. سمورن روڊن تي ٽريفڪ جام آهي. ڌرڻي وارن جا روڊ تان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن سان جهيڙا به معمول بڻجي ويا آهن. انتظاميا پوليس اٽالا موجود هوندي ڌرڻو هڻي ويٺلن کي روڪڻ کان لنوائي رهي آهي. ڪالهه ڌرڻي وارن جو پوليس سان به ٽڪراءُ ٿي پيو، جنهن ۾ هنن ايس ايڇ او آءِ نائن ۽ ٻن ٻين اهلڪارن کي زخمي ڪري وڌو. ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن جو مطالبو آهي ته حڪومت ختم نبوت بابت قسم نامي ۾ ڪيل تبديلي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ قانون وارو وفاقي وزير استعيفيٰ ڏئي. ان حوالي سان وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته حڪومت ڪنهن به طور غير قانوني ۽ غير آئيني مطالبا نٿي مڃي سگهي، ڌرڻي وارن جا مطالبا گهڻا غير قانوني ۽ آئين کان بالاتر هئا. پنهنجي بيان ۾ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته اسان ڳالهيون ڪيون، مطالبا ٻڌا، پير حسنات جون ڳالهيون اسان سان هيون، حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رستا روڪي مطالبا نٿا مڃرائي سگهجن.

هن چيو ته عوام جي صبر سان نه کيڏيو وڃي، حڪومت وٽ مظاهرو ڪندڙن کي طاقت جي استعمال سان اٿارڻ جو اختيار آهي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف چيو آهي ته سمورن مسلمانن جو ختم نبوت تي پختو  يقين آهي، ڪنهن کي ڪو شڪ ۽ شبهو آهي ته اچي ۽ ڳالهائي، هن چيو ته حلف نامي ۾ ٿيل غلطي کي فورن نوٽيس وٺي ختم ڪيو ويو، ڌرڻي سان عوام کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، زندگيءَ جو ڪاروهنوار متاثر آهي، ڌرڻي کي ختم ڪري ڪاروهنوار کي هلڻ ڏنو وڃي، هن چيو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ڌرڻو ختم ڪن، سردار يوسف اپيل ڪئي ته ڌرڻو ختم ڪري زندگيءَ کي معمول تي اچڻ ڏنو وڃي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے