20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

نواز شريف جا باغي رابطي ۾ آهن، سياسي قيادت چست هجي ته فوج هر شعبي ۾ نه ايندي: عمران

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته نواز ليگ ۾ بغاوت ٿي چڪي آهي. باغين رابطا ڪيا آهن پر امن احتجاج ڪرڻ تي سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هوملڪ ۾ شفاف چونڊن لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا مٿن سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، پرامن احتجاج ڪرڻ تي دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن هي ماڻهو مون تي دهشتگرديءَ جا ڪيس داخل ڪري سگهن ٿا ته ڪنهن تي به ڪري سگهن ٿا. عمران خان چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مني لانڊرنگ جو آهي، جنهن ڏينهن اسحاق ڊار جو نالو نيب ۾ آيو تنهن ڏينهن کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، مٿس اربين رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي، مني لانڊرنگ ڪندڙ ملڪ جو ناڻي وارو وزير ڪيئن ٿو بڻجي سگهي.هوڏانهن ٽي وي انٽرويو ۾ عمران خان چيو آهي ته نواز ليگ جا باغي ميمبر رابطي ۾ آهن. هن چيو ته هر آرمي چيف پنهنجي پاليسي جوڙيندو آهي. جيڪڏهن ملڪي قيادت چست هجي ته فوج کي هر شعبي ۾ اچڻ جي ضرورت نه پوندي. جنرل باجوه جمهوريت سان بيٺل آهي. فوج هاڻ آئين موجب ڪم ڪري رهي آهي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے