20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

حسين ۽ حسن نواز جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. احتساب عدالت ۾حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف نئب ريفرنسز جي ٻڌڻي ٿي. نئب حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت حڪم تي تعميلي رپورٽ  عدالت ۾ پيش ڪئي. ٻڌڻي دوران فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ جاچ آفيسر محمد ڪامران جو بيان قلمبند ڪيو ويو. جاچ آفيسر محمد ڪامران ٻڌايو ته حسن ۽ حسين نواز جي اشتهار ذريعي طلبي تي عملدرآمد ڪرايو ويو. مفرور جوابدارن جا اشتهار گهرن ٻاهران ۽ عدالتي نوٽيس ٻاهران لڳايا ويا. راءِ ونڊ روڊ تي اعلان به ڪرايا ويا ۽ لنڊن ۾ ايون فيلڊ پراپرٽيز تي لڳائڻ لاءِ نوٽيس فارين آفيس ذريعي نوٽيس موڪليا ويا. جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته حسن ۽ حسين نواز ڄاڻي ٻجهي مفرور آهن، تنهن ڪري کين اشتهاري قرار ڏنو وڃي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نئب طرفان حسين نواز جي چئن بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل به عدالت ۾ پيش ڪيا ويا. تفصيلن موجب حسين نواز جا اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ ۾ چار اڪائونٽس آهن، جن ۾ 4272 يورو، 3992 ڊالر، 207 پائونڊ ۽ 3 لک 82 هزار رپيا موجود آهن. نئب جي رپورٽ موجب ايل ڊي اي ۽ ڊي ايڇ اي ۾ حسين ۽ حسن نواز جي ڪا به ملڪيت ناهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر لاهور ۽ بحريا ٽائون طرفان جواب جو انتظار آهي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے