20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

نه ڇيڙ ملنگان نون ……

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته عوامي طاقت ۽ ڪاوڙ سان ڪير به ٽڪرائجڻ جي ڪوشش نه ڪري. عوام جي غصي ۽ ڪاوڙ تي ڪي به ڪنٽرول ۽ ضابطا هلي نه سگهندا ۽ نه اهي سوڀارا ٿيندا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته هي 80 ۽ 90 جو ڏهاڪو ناهي، 2017ع هلي رهيو آهي، عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ انجينئرڊ نتيجا نه هلندا، عام چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي حقيقي انقلاب جو رستو کوليندي.

هڪ ٻي پوسٽ ۾ مريم نواز چيو آهي ته هر سياستدان نواز شريف وانگر ناهي ٿيندو، جيڪو گهڙي گهڙي زخم کائي به وطن لاءِ ادارن تي پردو رکي، سندس ضبط ۽ تحمل پاڪستان جي سلامتي، تحفظ ۽ وقار لاءِ آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن چيو ته نواز شريف جي ضبط ۽ صبر کي غلط معنيٰ ڏيندڙ امتحان ۾ نه وجهن، نه ته نواز شريف وات کولڻ تي مجبور ٿيندو ۽ سازشون ڪندڙ سڀني ادارن کي بي نقاب ڪندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن نواز شريف جي خاموشي کي پاڪستان جي مفادن تي ضرب لاءِ استعمال ڪرڻ گهريو ته پوءِ ماٺ ڪري نه ويهنداسين، سندس خاموشي کي نوازليگ جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان جي سلامتي لاءِ ميان صاحب پنهنجي وات کي تالو هنيو آهي.

آهستي آهستي ملڪ ۾ چونڊن جي باري ۾ سياسي پارٽين ۾ سهمتي فضا ٺهي رهي آهي. سياستدانن پاران ڌڪ کائي سکڻ جهڙا لقاءَ پڻ نظر اچي رهيا آهن، جن جي ڪري سمورن سياسي اڳواڻن کي چونڊون وقت تي ڪرائڻ جا فائدا نظر اچڻ شروع ٿيا آهن. ان سلسلي ۾ نواز ليگ پڻ پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جيئان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ملڪ جي ميڊيا هائوسز پاران ان قسم جي راءِ اچي رهي آهي ته نواز ليگ ”جيئري لک ته مُئي سوا لک“ بڻجي سياسي فضا تي اثرانداز ٿيندو. جي نواز ليگ به پرامن قانوني ۽ آئيني سياست کي هٿي وٺائيندي سياسي فضا کي وڏيڪ قوت بخشيندي ته ان جو هاڪاري اثر سڄي ملڪ تي پوندو، جنهن جو اڳيان اثر چونڊن کان پوءِ پڻ نظر ايندا. انهن سرگرمين لاءِ نواز ليگ کي به سياسي طور اوتري ئي سهولت هجڻ گهرجي جيڪا ٻين پارٽين کي، ۽ انهن کي ڇيڙڻ ڪنهن به زخمي شينهن کي ڇيڙن جي برابر ٿي سگهي ٿو.

اربع 15 نومبر 2017ع، 25 صفر المظفر 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مقدس نالن ۽ نعرن جي اوٽ ۾ ٿيندڙ غلط روايتون

پاڪستان ۾ ڪنهن ڏينهن سموريون مذهبي تنظيمون توڙي سياست ڪندڙ ڌريون ان ڏينهن تي سهمت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے