19 اتوار , نومبر 2017

وڌندڙ دهشت گردي ۽ ڪمزور حفاظتي انتظام

مدد علي سنڌي

بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا ۾، وري بم ڌماڪن جا واقعا وڌي رهيا  آهن. گذريل خميس جي صبح جو ايئرپورٽ روڊ تي واقع عسڪري پارڪ ويجهو هڪ ڊي آءِ جي موٽر ٽرانسپورٽ حامد شڪيل جي گاڏي کي بم جو نشانو ان وقت بڻايو ويو، جڏهن هو پنهنجي گهر کان آفيس وڃي رهيو هو. ان واقعي ۾ 3 پوليس وارا به شهيد ٿي ويا. ياد رهي ته ڪوئيٽا ۾ سرڪاري عملدارن خاص ڪري پوليس وارن کي نشانو بنائڻ جو هي پهريون واقعو نه آهي. بلڪ ان قسمن جي واقعن ۾ اڳي به ڪيترا پوليس عملدار ماريا ويا آهن.

گذريل سال 24 آڪٽوبر 2016ع تي هڪ حملي ۾ 62 پوليس وارا شهيد ڪيا ويا هئا، اهو حملو ڪوئيٽا پوليس جي ٽريننگ واري مرڪز ۾ ڪيو ويو هو. ڪوئيٽا جي بنو سرياب روڊ تي واقع پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ اڄ به اها هاسٽل جي پويان واري چارديواري موجود آهي، جنهن تي هن وقت 14 واچ ٽاور ٺهرايا ويا آهن. اهو حملو ڪنهن ڪيو هو، يا ان جي پويان ڪهڙا پرڏيهي مقصد لڪل هئا، ته ان جي هر ڪنهن کي معلومات حاصل آهي. ان واقعي کان پوءِ هڪ جهادي تنظيم لشڪر جهنگوي العالمي جو نالو آيو هو.

بلوچستان ۾ فرنٽيئر ڪور جي سربراهه ميجر جنرل شير افگن جو چوڻ هو ته اهو واقعو هڪ تنظيم لشڪر جهنگوي العالمي ڪيو هو، ۽ حملي آور افغانستان مان هدايتون وٺي رهيا هئا. بلوچستان جي سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ دهشت گرد ڪارواين جو مقصد حڪومت جي انهن ڪارواين جو جواب آهي، جيڪي جنگي گروپن جي خلاف ڪيون پيون وڃن. لشڪر جهنگوي العالمي جي هڪ ليڊر سيد صفدر جي سرجي قيمت ڪراچي رينجرز طرفان 50 لک روپيا مقرر ڪئي هئي. جڏهن ته ان تنظيم ڪوئيٽا ۾ جنوري 2013ع ۾ ٿيل حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي، جنهن ۾ 29 فيبروري 2013ع ۾ هڪ بازار ۾ ٿيل حملي جي ذميواري قبول پڻ پاڻ تي کنئي هئي. ان حملي ۾ 81 ماڻهو شهيد ڪيا ويا هئا. انهن حملن ۾ فوتين جي اڪثريت شيعا هزاروي قبيلي سان هئي.

ان کانسواءِ جهل مگسيءَ ۾ مشهور درگاهه فتح پور سيد رکيل شاهه جي درگاهه ۾ 16 آڪٽوبر 2017ع تي آپگهاتي حملي ۾ 18 زيارتي شهيد ٿي ويا هئا. واضع رهي ته ساڳي درگاهه سيد رکيل شاهه تي سال 2005ع ۾ پڻ هڪ ڌماڪو ٿيو هو. جنهن ۾ 30 کان به وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا. انکانسواءِ خِضدار ۾ يعني لسٻيلي ۾ حضرت شاهه بلاول نوراني جي درگاهه تي 12 نومبر 2016ع تي آپگهاتي حملي ۾ 54 زيارتي شهيد ۽ 1000 کان به وڌيڪ پانڌيئڙا زخمي ٿي پيا هئا. ان کان سواءِ 22 آڪٽوبر 2015ع ۾ بلوچستان جي ضلعي ڪڇي جي علائقي ۾ ڇلگري ڳوٺ ۾ هڪ امام بارگاهه تي آپگهاتي حملي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. ياد رهي ته ڇلگري ڳوٺ ڪوئيٽا کان ڏکڻ اوڀر ۾ 300 ڪلوميٽر پري واقع هئو، ان کان سواءِ 19 آڪٽوبر 2015ع تي ڪوئيٽا ۾ مسافر بس ۾ ڌماڪي ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا هئا.

اهڙي ريت بلوچستان ۾ ڌماڪن جي واقعن جا تفصيل طويل آهن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته بلوچستان ڪيئن نه پرڏيهي طاقتن جي سهڪاري دهشت گردن جي نشاني تي آهي.

هاڻي پاڻ جڏهن دهشت گرديءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون ته ان حقيقت کان انڪار ڪونهي، ته پاڪستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ دهشت گردي جي منهن ۾ آهن ۽ اهو خوفناڪ مسئلو سموري دنيا ۾ موجود آهي بلڪ ڪيترا ملڪ بشمول پاڪستان انهيءَخوفناڪ بلا جو مقابلو ڪري رهيا آهن. پر دنيا ۾ دهشت گردي وڌندي پئي وڃي ۽ بدقسمتيءَ سان ماضي جي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب پاڪستان دهشت گردي جو شڪار ٿي چڪو آهي.

بظاهر نظر اچي رهيو آهي ته ڪجهه ملڪ دهشت گردي ذريعي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڳجهي ويڙهه ڪري رهيا آهن. پر هي هڪ خوفناڪ راند آهي. ۽ اسين ان کي پراڪسي وار به چئون ٿا.

بهرحال پاڪستان ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي ذريعي جيڪا جنگ ڪئي پئي وڃي ۽ اهو معاملو هاڻ پاڪستانين لاءِ عام ڳالهه ٿي پئي آهي، پر هنن واقعن ۾ بي گناهه عام شهري ۽ سرڪاري عملدار شهيد ڪيا پيا وڃن. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته آخرهي ڪهڙي جنگ آهي جيڪا ڪنهن به ملڪ جي عام شهرين کي بمن جي ڌماڪن سان نشانو بڻائي پنهنجا ناپاڪ مقصد پورا ٿا ڪيا وڃن. هي ڪا ٻن ملڪن جي جنگ ڪونهي، ڇاڪاڻ جو جنگ ملڪن جي فوجين جي وچ ۾ ٿئي ٿي. پر ان جا به ڪي بين الاقوامي اصول ٿين ٿا، جنهن ۾ عام شهرين کي بمن جو نشانو بنائڻ بين الاقوامي ڏوهه هوندو آهي ۽ اسين هر ٻئي ڏينهن انهن آپگهاتي حملن ۽ بم ڌماڪن ۾ بيگناهه پاڪستانين ۽ سڪيورٽي فورسز جي جوانن جي موت تي دانهون ڪريون ٿا ۽ دهشت گردن جي مذمت ۾ ڪالم ٿا ڪارا ڪريون.

راقم الحروف هن ئي ڪالم ۾ وڏن شهرن توڙي ڏورانهن علائقن ۾ بمن جي ڌماڪن جي ڳالهه ڪئي هئي پر ڪنهن سوچيو آهي ته ڪوئيٽا شهر ۾ ڌماڪي بعد فوري طور تي امدادي ٽيمون پهچي وڃن ٿيون. جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. پر اوهين تصور ڪريو ته ڪوئيٽا کان 300 ڪلوميٽر پري يا 400 ڪلوميٽر دور جي علائقن جهڙوڪ بلاول شاهه نوراني يا ڪڇي جي ڳوٺ ۾ ڌماڪا ٿيا، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي امداد ٽيمن جو پهچڻ ڏکيو ڪم هو. اهو هڪ جدا موضوع آهي- هڪ قيامت جو منظر هوندو آهي، جڏهن ڪن ڏورانهن علائقن ۾ آپگهاتي بَمبارن جي ڪاروائي عمل ۾ اچي ٿي. ان جو اندازو هنن ڪالمن ۾ ڪيئن آڻجي، جن بلاول شاهه نوراني جي درگاهه تي، يا سيد رکيل شاهه جي درگاهن تي ٿيل بم ڌماڪن کان پوءِ جا ڪجهه منظر ٽيلي ويزن جي اسڪرين تي ڏٺا هوندا، انهن کي انهيءَ عذاب جو اندازو پاڻمرادو ٿي ويو هوندو. بهرحال مجموعي طرح ڏسجي ته پاڪستان جي هڪ اهم صوبي ۾ دهشت گردي ذريعي ڪارواين جو هڪ ڊگهو سلسلو هلندڙ آهي-

پاڪستان ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف فوج جو دٻاءُ وڌندڙ آهي، وفاقي حڪومت طرفان ملڪ ۾ انتها پسنديءَ عسڪريت پسندن بابت ڪو به عمل نه ٿي رهيو آهي. گهڻي وقت کان ٻُڌندڙ نيشنل ايڪشن پلان تي 2 سيڪڙو کان به وڌيڪ ڪو ڪم نه ٿيو آهي نه ئي وري نيڪٽا جو ادارو فعال ٿيو، جڏهن ته قومي سلامتيءَ جو تصور موجود آهي نه ملڪ جي اندروني سڪيورٽي جو ڪو پلان ٺهيو. بهرحال پاڪستان جتي سالن کان اقربا بروري، بدعنواني، لٽمار، جا واقعا ورهين کان هلندا پيا اچن، جتي غربت جو ماريل ڪروڙين عوام، غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهجي جيئندا هجن، جتي بُک ۽ بيروزگاري هڪ طرف ۽ ٻئي طرف امير ماڻهن ۽ امير حڪمرانن جي شاهي محلن، گهرن، ۽ بيروني ملڪيتن جا ڪروڙين ڊالرن جا بنيادي تفصيل هر خاص ۽ عام آڏو رکيا هجن، اتي دهشت گردي جي باهه عام ماڻهن لاءِ هڪ عذاب جي شڪل اختيار ڪري ويئي آهي.

دهشت گردي جي خاتمي لاءِ يا ان جي تدارڪ جو ڪم، يقينن حڪومت جي ذميواري آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ جي عام ماڻهن جي حقن ۽ سلامتيءَ جو ڪم رياست جي ذمي هوندو آهي. پوءِ رياست ان معاملي تي ڪيترو عملي مظاهرو ڪري ٿي، ته اهو هڪ ڊگهو سوال ۽ ان جو جواب پڻ اوتروئي طويل ٿي پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد وارو ڌرڻو ۽ ان جو امڪاني ڊراپ سين

 زرار  پيرزادو اسلام آباد ۾ ”تحريڪ لبيڪ“ طرفان ڏنل ڌرڻي کي جيتوڻيڪ هاڻي سي پيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے