20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

راميش ڪمار اوڏ جي لڙهندڙ لاش سان ڪڏهن انصاف ٿيندو؟

حميده گهانگهرو

تعليمي ادارن ۾ واسينگ نانگ وانگر ڪر کنيو بيٺا آهن، روزانو ڪيترائي دردناڪ قصا ٻڌجڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن قومن جو ڪو  مستقبل ناهي هوندو جيڪي تعليم کي ڇڙواڳ ۽ دهشت گرديءَ جي تکي تلوار سان روز ڪهندا ۽ لتاڙيندا رهن. تاريخ جي تسلسل کي دهشت گردي ظلم استحصال کان الڳ نٿو ڪري سگهجي پر ڌڪ کائڻ کان پوءِ قومن ۾ سڌارا ۽ سجاڳي  ايندي آهي ۽ ظلم خلاف وڙهڻ جي سگهه پيدا ٿيندي آهي.

ڪو شڪ ناهي ته هن وقت نوجوانن ۾ ڪافي شعور اچي چڪو آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ محدود وسيلن، اڻ پهچ تعليم جي ڳرن خرچن جي باوجود ڪافي نوجوان پارٽ ٽائيم جاب ڪري به تعليم جي سيڙهي تي ڏاڪي به ڏاڪي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن ملڪ جي بي حس رکوالن تعليمي ادارن ۾ روز جي واقعن سان ماتم ۽ سوڳ جهڙي ماحول ۾ به ڪو قانون ڪو انصاف ٿيندي نظر نه ٿو اچي.

هي ملڪ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ مهذب اسلامي جمهوري آهي پر هتي نياڻين جي لڄالٽ، اغوا، بليڪ ميلنگ، خوف حراس، روز وارداتن جا نوان طريقا ذهني اذيت جو سبب بڻبا رهن ٿا نه صرف نياڻيون بلڪه معصوم ذهين پر مڪاري، فريب، غداري کان پاڪ نوجوان ظلم ۽ زيادتين جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا.

مون جڏهن قلم جي ڳوڙهن سان ڪجهه يادن کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪئي ته ستين ڪلاس جو اهو نوجوان ياد آيو جيڪو منهنجو محراب پور هاءِ اسڪول ۾ ڪلاس فيلو هو نهايت ماٺيڻو ذهين شاگرد هو. سماج جو وڏي ۾ وڏو جرم هن جي غربت هئي، هن جو پيءُ گاڏي تي رانديڪا وڪڻندو هو جنهن مان هن جي گهر جو گذر سفر ۽ ڏاڍي مشڪل سان پڙهائي جو خرچ پورو ڪيو ويندو هو پر وٽن واڌاري ڪنهن به سرگرمي لاءِ پئسا ڪو نه هوندا هئا، جنهن جي ڪري هُو اسڪول پڪنڪ جا پئسا نه ڏئي سگهيو. جڏهن شام جو هن پنهنجي سڀني ڪلاس فيلو کي واهه جي ڪناري تي وهنجندي ۽ خوش ٿيندي ڏٺو ماءُ کي چيو ته امان مان به وڃان؟ غريب پر خوددار ماءُ کيس اهو چئي روانو ڪيو ته ڪا به شيءِ ڪنهن کان وٺي کائجان نه، ان غريب غلام حسين عرف گاگي ائين ڪيو. اها خبر نه هئي ته اميرن جا پٽ وڏي ڪلاس ۾ پڙهندڙ هن معصوم جي موت جو انتظار پيا ڪن. ڪجهه گهڙين جي واهه ۾ وهنجندڙ هي معصوم وڏن ڇوڪرن اڳيان غوطا کائيندو ٻڏي اکين کان اوجهل ٿي ويو.

غريب لاءِ ڪهڙو قانون آهي، ٻئي ڏهاڙي تي واهه ۾ لڙهندڙ لاش کي کڻائي دفنايو ويو. اسڪول جي رجسٽر ۾ نالي تي ليڪ لڳائي روزانو جو کڄندڙ نالو غلام حسين غائب ڪيو ويو. غربت جي مفلسيءَ سبب رانديڪن وڪڻڻ واري جي پٽ لاءِ انصاف به هڪ رانديڪو بڻجي ويو.

اهو سڄو واقعو مون پنهنجي ڪتاب ”پيڙا جو سفر“ ۾ لکيو آهي، انهيءَ واقعي کي چاليهه سال ٿي ويا آهن. وري اوچتو هڪ خوفناڪ، دردناڪ، لڱ ڪانڊاريندڙ خبر اهڙي نوجوان تي اچي پئي جنهن پنهنجي تعليمي قابليت ۽ صلاحيت کي نه صرف پنهنجي پيءُ ماءُ، خاندان، قوم۽ ملڪ لاءِ مثال بڻايو پر آمريڪا جي ڌرتي تي وڃي ثابت ڪيو ته اسين نوجوان امن پسند علم جي زيور ۽ صلاحيتن سان ڀرپور دنيا جي نئين ايجوڪيشن ٽيڪنالوجي ۾ نالو پيدا ڪري سگهون ٿا. اهو نوجوان راميش ڪمار اوڏ هئو، جنهن جو جسم سنهڙا شاخ مان چچريل لاش جي صورت ۾ لڙهندو نظر آيو.

بلڪل اهڙو واقعو جيڪو سالن کان پوءِ انهي تڪ يعني ڪنڊياري مان راميش جو لڙهندڙ لاش جڏهن گهر پهتو ته ان نديءَ جي وهڪري کان به وڌيڪ شهر واسين، عزيزن، قريبن ۽ امڙ جي ڳوڙهن جون اوڇنگارون ٻڌڻ ۾ آيون. ڇا اهو صرف هڪ نوجوان جو قتل آهي؟ يا اهو انسانيت جو قتل آهي؟ ڇا اهو علم ۽ شعور جو قتل آهي؟ يا اهو ان غريب پيءُ ماءُ جي احساسن، جذبن جو قتل آهي؟ ها بلڪل اهو قتل آهي ان معصوم جو قتل آهي، جنهن جو ڏوهه صرف ايترو آهي ته هو ڪنهن امير ترين جاگيردار وڏيري، منسٽر جي گهر ۾ پيدا ناهي ٿيو.

هن داداگيري رشوت، ڏاڍ تي پنهنجي تعليمي سڃاڻپ قائم نه ڪئي. هن ڪنهن ڪار يا پيجرو مان ڪَرُ ڪڍي اسڪول ڪاليج جا رستا ڪو نه ڏٺا، هن پيرين پنڌ سفر ڪري علم جي سفر کي بهادري بيباڪي ۽ جرئت سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اڄ جي انصاف ڪندڙ ملڪ جا حڪمران وڏين وڏين گاڏين ۾ اڳيان پويان پروٽوڪول ۾ هارن وڄائيندڙ گاڏين سان اچي آرام دهه ٿڌن ڪمرن جي ڪرسين تي ويهن ٿا ته انهن لاءِ انصاف ڪرڻ واريون غريبن جو آهون ڪوڪون سندن پروٽوڪول جي گاڏين جي آوازن ۾ گم ٿي ٿيون وڃن،

اي منهنجي قوم جا حڪمرانو ڪڏهن اکيون کوليندئو، ڪڏهن ڪنن جا پردا لاهيندئو، ڪڏهن پنهنجي پيرن تي ڪرندڙ مائرن جا ڳاٽ مٿي ڪري انهن کي چوندئو ته اسان به توهان جهڙين مائرن جي ڪک مان جنم ورتو آهي. اسين انهن مائرن جي اهڙي بي حرمتي کي ڏسي نٿا سگهون.ته سمجهنداسين ته مهذب قوم ۽ قوم جا وفادار ڌرتي ڄاوا اڄ به موجود آهن. هي لڙهندڙ چچريل لاش نياڻين جي لڄالٽ، اغوا، خوف، حراس کان پاڪ هن ڌرتيءَ جا اصل وارث آهيون، نه ته ٻي صورت ۾عوام کي اهو فيصلو ڪرڻ کپي ته اليڪشن ۾ پنهنجن نمائندن کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ ڪنگڻ، چوڙيون، ڇير ۽ روا پوتيون دٻن ۾ رکي اچن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے