20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ايران ۽ عراق ۾ آيل زلزلو

غلام مصطفيٰ جمالي

ڪالهه وري به 2017ع جو نومبر عراق،ايران،ترڪي ۾ قهر کڻي اچي ڪڙڪيو، هر طرف  لاشن جا انبار ايران جون عمارتون کنڊر بڻجي ويون.جت خوشيون هيون ان هنڌ ماتم برپا ٿي ويو.جت شادي جا سهرا هيا اهي گيت نغما نوحن ۾ تبديل ٿي چڪا.ان وقت ماڻهو سجدن ۾ ڪري پنهنجي پروردگار کان پناهه وٺي رهيا هئا.هي زلزلو نه ڪنهن وزيراعظم جي حڪم سان آيو ۽ نه ئي ڪنهن جي سازش هئي.۽ نه ئي ڪنهن ايجنسي جو ڪم هو .هي ته انهي خدا جو آيل هو پنهنجي بندن جي مٿان جيڪو هڪ امتحان هو.جنهن کي جهڙي به صورت هر انسان کي صرف صبر جي ضرورت آهي.۽ هر ڏکويل انسان انهي آيل امتحان تي  صبر کان ڪم وٺي، ۽ اسانکي گهرجي ته پاڙيسري  ملڪ جي ڀائر ڀينرن ۽  امڙين جي مدد ڪيون. جيڪي انهي زلزلي سبب متاثر ٿيا آهن.جن کان پنهنجا وڇڙيا آهن.جيڪي پنهنجي پيارن جي وڇڙڻ ڪري آهون ۽ دانهون ڪري رهيا آهن. آيل زلزلي تمام گهڻو خطرناڪ هو انسان جو  اربين نقصان ٿيو آهي ۽ سوين ماڻهو موت جي ابدي نند سمهي پيا آهن .جيترو شديد زلزلو هو.جڏهن ته ايراني سرڪاري ٽي وي  تي ٻڌايو پئي ويو ته زلزلي جي شدت7.4 هئي جڏهن ته هو زلزلو پاڪستان اندر 2005ع ۾ آيل زلزلي کان به وڌيڪ خطرناڪ هو.پر هن جي ڀيٽ ۾ ايترو نقصان ناهي ٿيو.

جڏهن 2005ع ۾ آيل زلزلي جي شدت8.1هئي جنهن اندر 80هزارکان وڌيڪ جانيون ذيان ٿيون هيون. جڏهن ته  هن وقت جيڪو ايران اندر زلزلو آيو جنهن جو مزڪز عراق جي ويجهي شهر حلجبه کان 30ڪلوميٽر اندر زمين جي طرف هو ۽ جنهن زلزلي  جي شدت 7.4هئي جنهن آيل  زلزلي سان 450 ماڻهن مرڻ جا اطلاح اچي چڪا آهن.جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ زخمي آهن.جن جي علاج لاءِ عراق ۽ ايران حڪومتن سميت ٻنهي ملڪن جو عوام به انهي ڪم ۾ رڌل آهي.

جڏهن ته ايران ۽ عراق  تي جاگرافيائي لحاظ سان هڪ نظر ڊوڙائينداسين ته ٻنهي ملڪن اندر اندرآيل 7.4 جي شدت سان آيل زلزلن جي تاريخ تمام ٿورڙي آهي.ايران ۽ عراق جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر زلزلن جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته 1993ع ۾ ايندڙ سنڌ اندر شاهه بندر ۾ جيڪو زلزلو آيو هو ان اندر به هزارين ماڻهو فوت ٿيا هئا. اهڙي طرح بلوچستان اندر1857۾ آيل ڪهان جي علائقي اندر جنهن جي شدت به8.3.کان مٿي جي هئي ساڳئي صوبي بلوچستان اندر1889 ۾ جهالا وان علائقي اندر زلزلو آيو جنهن جي شدت به 8.5کان مٿي جي هئي جڏهن ته وري به1945 اندربلوچستان جي علائقي مڪران ۽ صوبي سنڌ ۾ زلزلو آيو جنهن جي شدت به.4.8.کان مٿي جي هئي جڏهن ته انهن سمورن آيل زلزلن اندر ڪافي تعداد ۾ جاني توڙي مالي نقصان ٿيو هو.پر ڪالهه جيڪو ايران ۽ عراق اندر زلزلو آيو جنهن جو سبب  اهو ٻڌايو وڃي ته هن زلزلي جو مرڪز زمين جي تمام گهڻو هيٺ هو.جڏهن ته ٻين زلزلن جو مزڪر زمين جي ويجهو هو انهي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو هو، پر انهي جي ڀيٽ ۾ ڪالهه جيڪي ايران ۽ عراق ۾  زلزلي جا لوڏا آيا جيڪي ٻنهي ملڪن  اندر محسوس ڪيا ويا ايران اندرهن زلزلي ڪافي نقصان ڪيو آهي.  پاڪستان کي  زلزلي متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي.ڇو ته ايران دنيا لاءِ ڀلي ڪهڙو به هجي پر پاڪستان کي اهو ياد رکڻ ته ايران پاڪستان سان هميشه ڀلايون ڪيون آهن،ايران ڪڏهن به پاڪستان جي فيصلي جي خلاف ورزي ناهي ڪئي،ايران اهو واحد اسلامي ملڪ آهي جيڪو آمريڪا جهڙي سپر طاقت جي اکين ۾ اکين ۾ وجهي ڳالهائي سگهي ٿو پر ايران پاڪستان جي اڳيان ڪڏهن به اهڙي ڳالهه يا اهڙو اعلان ناهي ڪيو جنهن سان پاڪستان يا پاڪستاني عوام جي دل آزاري ٿي.

هن وقت ايران مٿان هڪ وڏي مشڪل جي گهڙي آئي آهي ۽ ايران پاڪستان جو هڪ پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڙو ها شيءِ آهي جنهن جي باري خود بني پاڪ صه فرمايو ته انسان مٿان سڀ کان وڌيڪ حق پاڙي جو آهي،جيڪڏهن پاڙي ۾ ڪو بکيو آهي ته اوهان تي فرض ٿئي ٿو ته پاڙي واري بکايل کي ماني کارايو جيڪڏهن پاڙي واري جو بدن اگهاڙو آهي ته کيس تن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ڏيو،جيڪڏهن پاڻي ۾ ڪو تڪيلف ۾ ورتل آهي ته سندس مدد ڪيو،ان ڪري هن وقت اسانجو پاڙيسري ملڪ هڪ وڏي مشڪلات کي منهن ڏئي رهيو آهي،ايران اندر آيل زلزلي ۾ 450کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهو بي گهر آهي جن لاءِ ايران حڪومت جو ريسڪيو ٽيمون ڪوششون ڪري رهيو آهن.ان ڪري پاڪستان به هڪ اسلامي ملڪ آهي، جڏهن به پاڪستان تي ڪو ڏکيو وقت آيو آهي ان ڏکئي وقت ۾ ايران اهو واحد اسلامي ملڪ آهي جنهن پهرين پاڪستان جي مدد ڪئي وئي،هن وقت ايران اندر آيل زلزلي وڏي تباهي مچائي آهي سوين ماڻهو مري ويا آهن ۽ ڪيترائي بي گهر ٿي ويا آهن ڪيترن کان پنهنجا وڇڙي ويا آهن ايران اندر بجلي جو نظام متاثر ٿي ويو آهي،انڪري پاڪستان تي اهو فرض بنجي ٿو ته هو ايران ۽ عراق جي مدد ڪري نه رڳو مدد ڪري پر سڀ ڳالهيون وساري ڪري ايران سان سٺا لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پهل ڪري،ڇو ته هن وقت ايران جيڪو هڪ اسلامي ملڪ آهي ان جي مدد ڪرڻ سان نه رڳو پاڪستان جو دنيا جي ملڪن ۾ نالو ٿيندو پر پاڪستان جي عوام به خوشي ٿيندي جڏهن ته پاڪستان ايران جي ۽ عراق جي مدد نه ڪئي ته پوءِ ڪيترائي سوال اٿندا ته آخر پاڪستان ايران ۽ عراق جي عوام جي مدد ڇو ڪو نه ڪئي، جڏهن ته ڏٺو وڃي ته دنيا جي خطي تي جيترا به اسلامي ملڪ آهن انهن سمورن ملڪن جي يورپ جي ملڪن جو نظرون آهن ۽ يورپي ملڪ ڪهڙي به صورتحال اندر انهن ملڪن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.تنهن ڪري مان نه ٿو سمجهان ته هن وقت جيڪا ايران ۽ عراق مٿان امتحان جي گهڙي آئي آهي انهي امتحان جي گهڙي اندر اهي وحشي صفت يورپي ملڪ ايران ۽ عراق جي مدد ڪن.

انهي مصيبت ۾ مسلمانن ملڪن کي گهرجي ته گڏجي ڪري ايران ۽ عراق جي مدد ڪرڻ گهرجي،خاص طور تي سڀ کان وڌيڪ پاڪستان تي اهي زميواريون ٿين ٿيون ته هوُ ايران جي مدد ڪري اهو انهي ڪري جو ايران هڪ مسلمان ملڪ آهي ۽ ٻيو وري پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ ايران پاڪستان جي مدد ڪئي آهي انهي ڪري پاڪستان جي به اهو فرض ٿئي ٿو ته هوُ پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے