20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

وفاقي سرڪار ۽ مخالف ڌر ۾نئين تڪبندين ۽ چونڊن تي اتفاق

علي محمد ميمڻ

آخرڪار!   گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين پارٽين ملڪ ۾ نين تڪ بندين لاءِ جلد قانون سازي ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان پيپلز پارٽي جا سمورا مطالبا تسليم ڪندي سنڌ حڪومت جو آدمشماري جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ جو مطالبو پڻ تسليم ڪري ورتو آهي، اسلام آباد ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورن صوبن جي وڏن وزيرن چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو عزم ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ان حوالي سان چوڻ هو ته وفاق، آدمشماري جو سمورو ڊيٽا جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته آدمشماري جو هڪ سيڪڙو ٿرڊ پارٽي کان چيڪ ڪرائڻ جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ڪنهن به هڪ بلاڪ جي آدمشماري چيڪ ڪرائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن انگن اکرن ۾ فرق آيو ته وفاق ان جو ازالو ڪندو.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جو بريفنگ ڏيندي چوڻ هو ته حڪومت تڪ بندين جي لاءِ نئين ترميم جلد منظور ڪرائي، انهن جو موقف آهي ته 1998 جي آدمشماري مطابق اليڪشن ڪرائڻ مشڪل هوندو، ڳڻپ واري اداري اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ته پرڏيهين جو درست انگ آدمشماري کان اڳ نٿا ٻڌائي سگهون، ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جي انگ جو مطالبو پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ڪيو هيو. اجلاس ۾ غير ملڪين جا انگ اکر جاري ڪرڻ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جو مطالبو رد ڪيو ويو۽ سنڌ کي آدمشماري جو حق ڏنو ويو ڪو به هڪ بلاڪ چيڪ ڪرايو ويندو.ان سان گڏوگڏ آدمشماري جي سموري ڊيٽا جاري ڪرائڻ جي پڻ خاطري ڪرائي وئي ۽ انگن اکرن ۾ فرق آيو ته وفاق طرفان ان جو ازالو  پڻ ڪيو ويندو.

جڏهن ته وفاقي  حڪومت طرفان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي تازي اجلاس جي فيصلن تحت اپاءَ کنيا ويا آهن ۽  قومي اسيمبليءَ جي سيٽن جي نين تڪبندين لاءِ آئيني ترميم جي بل جي گڏيل مفادن وار ي ڪائونسل ( سي سي آء) مان منظوريءَ بعد پارليامينٽ مان بل جي منظوري لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو پنجون اجلاس  اربع تي (اڄ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ پارليامنٽ هائوس اسلام آباد ۾ سڏايو ويو آهي. جنهن ۾ سي سي آءِ جي فيصلن مطابق آدمشماري جي عبوري نتيجن جي بنياد تي قومي اسيمبلي جي سيٽن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نين تڪبندين لاءِ حڪومت ۽ سياسي پارٽين طرفان اتفاق راءِ سان ايوان مان آئيني بل منظور ڪرائڻ جي تياري ۽ بل جي ڊرافٽ کي مڪمل ڪيو ويندو.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جو اسان جو مطالبو تسليم ڪيو، هن چيو ته تڪ بندين جي معاملي تي عوامي ۽ آئيني موقف اختيار ڪيو هو ، شڪر آهي حڪومت کي دير سان ئي سهي پر ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. مخالف ڌر  جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سدائين عوامي ۽ آئيني موقف تي ڪاربند رهي آهي۽ تڪ بندين جي آئيني بل 2017 جي حمايت ڪنداسين.

هوڏانهن، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان چونڊن واري قانون 2017ع تحت ملڪ ۾ 2018ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن تحت قومي اسيمبلي 31مئي تي پنهنجو مدو پورو ڪري تحليل ٿي ويندي ۽ جڏهن ته سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان  واريون صوبائي اسمبليون 28 مئي ۽  پنجاب اسمبلي 31 مئي 2018ع تي پنهنجو مدو پورو ڪري پڄاڻيءَ تي پهچنديون.

هن کان اڳ  پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي  ٿيل اجلاس جي تڪراري فيصلن، جنهن ۾ اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته  فاٽا ۽ سنڌ جي سيٽن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي ۽ خيبرپختونخواهه جون 5 ۽ بلوچستان جو 3 سيٽون وڌنديون. جڏهن ته اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ وڌندي ۽ پنجاب جي قومي اسيمبلي جون 9 سيٽون گهٽ ٿينديون ۽ تڪ بندين تحت 7 لک 80 هزار جي آبادي تي هڪ سيٽ هوندي .  يقينن انهن فيصلن کي تازي ٿيل اجلاس ۾ درست ڪيو ويو هوندو.

ان کان علاوهه سنڌ جي وڌيل آبادي کي پڻ شامل ڪري قومي اسمبليءَ ۾ هن صوبي جي سيٽن جي جائز حصي کي وڌائڻ سان گڏوگڏ ٻين صوبن جي آدمشماري جي درست ۽ حقيقي انگن اکرن مطابق سيٽن جي ورهاست ۽ جوڙجڪ ڪرڻ ملڪ ۽  ملڪ جي وفاقي ۽ جمهوري نظام لاءِ لازمي ۽ ضروري عمل آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي جس هجي جنهن سمورين تڪليفن ، الزامن  ۽ دٻائن باوجود نه صرف صوبائي حقن جو ڪيس اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو ۽ وفاقي حڪومت واري نامناسب  رويي ۽ هلت باوجود ملڪ کي آئين تحت وفاقي مملڪت طور  مڃرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري يقينن وڏي قومي خدمت ڪئي آهي.

جڏهن ته تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان طرفان  اسيمبليون ٽوڙڻ  ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي سربراهه جو چوڻ آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو سندس مطالبو غيرآئيني ناهي ، جنهن لاءِ تحريڪ انصاف، خيبر پختونخواهه  اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ  پڻ تيار آهي. تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته جمهوريت جو روح آدمشماري نه پر چونڊون آهن، ڪنهن به ترميم جي انتظار ۾چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريء،  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان طرفان وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي کي رد ڪندي ڪري ڇڏيو ۽ سندس چوڻ آهي  ته حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خان صاحب کي ڪهڙي ڳالهه جي تڪڙ آهي کيس خبر ناهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن اليڪشن وقت تي ٿي ته هو هارائي ويندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ ٿيل تازي آدمشماري مڪمل طور تڪراري آهي. سنڌ جي آدمشماري ۾ فرق آهي. سندس چوڻ هو ته آدمشماري ۾سنڌ جي 60 لک ماڻهن کي شمار ئي نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي وڏي وزير وفاق کي آدمشماري بابت خط لکيا پر ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندن خدشا ختم ڪيا وڃن ته آدمشماري جي نتيجن کي قبول ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے