20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

”ايندڙ اليڪشن: اصل احتساب عوام ڪندو

شبير سوڍڙو

چئبو ته اسان جي سياست ۽ سياستدانن طرفان  نوان لاڙا، نوان نظريا، واعدا، قول ۽ فعل  جيڪي سندن پوئين اليڪشن ۾ عوام سامهون آندا ويا  اهي ڏسڻ ۾ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ سامهون ته نه آيا پر نيون هيرا ڦيريون ۽ ٻيون بي ايماني واريون گوهيون ضرور ڏسڻ ۾ آيون ۽ ٿي سگهي ٿو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه کڻن، اسان جي ملڪي سياست جي بدقسمتي اها آهي ته جيڪڏهن ڪرپشن ۽ ڪرپٽ نه هجن ته مزو ئي نه ايندو آهي،  انهن جون تصويرون، خبرون ڪيئن هلن، انهن ڀوتارن جا ڪوڙا يا سچا بيان  ”نيوز الرٽ“ نه ٿين ته ميڊيا بک مري وڃي، بک ته ڪونه مرندي ضرور ان ۾ سندن ٻه آنا فائدو به هوندو، ان مان صاف ظاهر آهي ته هر ڪنهن جا رستا کليل آهن، سياست لاءِ ڪو به قانون  ۽ ان جي حد مقرر نه آهي ته ويندڙ ٻي پارٽي ۾ ڇو پيو وڃي يا ٽئين پارٽي ڇڏي هن چوٿين پارٽي ۾ ايندڙ ڇا لاءِ پيو اچي، ڪا جهل پل نه آهي، ايستائين جو سياسي فيشن جو نقشو ئي تبديل ٿيندو پيو وڃي.

ڪو سياسي ڀڳوڙو  ڪنهن اثر رسوخ واري سياست کي ڏسي  ڦهڪو ٿو ڪري پر حالت اها آهي جو هڪ سياسي پارٽي کان ٻي ۾ پير پائڻ کان اڳ اهو نه ٿو سوچي ته پويان جيڪا پارٽي ڇڏي اٿم ان ۾ سندس ڪهڙا ڪارناما هيا ۽ آهن جو ان کي ڇڏي ٻي ۾ وڃان ٿو ان ۾ سندس ڪردار بدلبو يا ساڳيو رهندو يا  ”لوٽو“ بڻجي هر پارٽي جا مزا وٺندو رهندو، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس خلاف ڪيترا به ”هاءِ پروفائل“ ڪيس هجن پر ان کي گم ڪرڻ يا ڇڏڻ لاءِ ”وڏين طاقتن“  جي اشارن جو انتظار آهي پر ان لوٽي مان عوام کي ڪو به لاڀ نه ٿو ملي سگهي، ڇو ته هو نه هيڏانهن جو رهيو ۽ هوڏانهن جو، صرف پنهنجا اڪائونٽ ڀرپور نموني سان ڀري، وري ٻي پارٽي جوانتظار ڪندو ۽ ايئن سياست ۽ جمهوريت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويندو ته پوءِ ان مان عوامي ڀلائي جي بوءِ ته نه ايندي پر ڪرپٽ ڪرپشن مشهوري ضرور ٿيندي.جنهن کي ملڪي ميڊيا وري بهادر اڳواڻ طور پيش ڪندي.

اڄ ڪلهه اسان جي ملڪي سياست قانون، انصاف، احتساب کان اڳتي وڌندي پئي وڃي، قاتل  ۽ مقتول، رهبر ۽ رهزن، بي ايمان ۽ ايماندار، ظالم ۽ مظلوم ۾ ڪو به فرق نه رکيو ويو آهي، سڀ اشرف المخلوقات پر غريب عوام جي وات تي آڱر رکيل، عجيب ملڪي پارٽين جا اڳواڻ آهن،  جلسن،جلوسن تي نچايو پيو وڃي، نچائڻ ته مٿين رهزنن کي گهرجي، جن پنجن سالن لاءِ ووٽ ورتو به ڇا لاءِ، ڪابه خبر نه آهي، ڪالهه ٽوهه فقير نه ڳالهائيندي به ڳالهائڻ ۽ پڇڻ جي مهرباني ڪئي ته ادا : نڀائي ٻار پويان پير ڪيا اٿئي، سائين اهو وري ڪيئن؟ چيائين ته هنن همراهن وري الطاف وارا پارٽ کڻڻ شروع ڪيا آهن، پهرين ڏينهن  صرف لينڊ ڪروزر جا طعنا هڻي پنهنجي ئي نسل کي  ”نسوري ناحق“ ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهي اشارا ئي ڪافي آهن، آءُ ٻڌايان ٿو وڌيڪ ان تي تون لک.

ٽوهه فقير جيڪڏهن ڳالهه کي وڌايو اٿئي ته اڳتي به ٻه ٽي لائينون ٻڌاءِ،،،، آءُ ڇو ٻڌايان، اسان کي ٽي وي  ڏسندي مهينا گذري ويا آهن، بجلي ئي نه آهي؟ بجلي جو طعنو نه هڻ، سولر سسٽم آهي، سولر سج لٿي کان پوءِ اسان وانگر انڌو ٿي ويندو آهي، بهرحال ٽوهه فقير جيڪي سٽون ٻڌايون ان سنڌي کي سنڌي ۾ ٽرانسليٽ ڪجي ته کوڙ ساريون بلائون نڪري اينديون پر ”سياسي اخلاقيات“  اندر  هن جون ڪجهه سٽون ڀليون لڳنديون، پهريان چيائين ته ” الطاف کي صفئه هستي تان في الحال هٽائي ستار، ڪمال ۽ آفاقن کي آڻي سنڌ جي امن، سڪون ۽ ڀائيچاري کي وري گهٽو ڏيڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هڪ ڏينهن ”ڪمال ۽ ستار جا نڪاح ٿيا ۽ ٻئي ڏينهن طلاق، ان مان صاف ظاهر ٿيو ته سندن ڄاڃين، گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جي نراڙ تان دهشت، بربريت جو نڀاڳ وڃڻو ئي ناهي“. جنهن جا کين اهڙا ته ٺپا لڳي چڪا آهن،چئي بس ڪر! سندن سياسي ٻيڙي ۾ ڪيئي سوراخ ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ ايندا.

سنڌ ۽ سنڌ واسي انهن ٽنهي همراهن مان ڪنهن ۾ به چڱائي جي اميد نٿا رکي سگهن، ان سان گڏوگڏ اسان جا اقتدار ڌڻي به هينئر کان ئي پنهنجو ذهن ”فريش“ ڪري ڇڏين. سنڌ واسين کي اها به ڀلي ڀت خبر آهي ته جن کي ”دهشت جو بادشاهه“ لنڊن ۾ ويٺل همراهه شناخت نه ڏئي سگهيو پر هنن همراهن دير ئي نه ڪئي، ڌارين جي لوڌ ۾ وڏا پٽڪا پائي اعلان ٿا ڪن ته توهان کي ”شناختي ڪارڊ“ اسان ڏينداسين، وڄايو تاڙيون، ….. سنڌ کي سنواريو، ترقي ڏياريو، روڊ رستا ٺهرايو، اسڪول کولرايو، غريبن جا ٻار پڙهايو، پنهنجا ٻار به انهن سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو، صحت کي سڌاريو پر سنڌ جي پيٽ ۾ ڇرو نه وهايو جو اسان سميت سڀاڻي توهان کي به ان عذاب مان گذرڻو پوندو، جنهن جا پويان ئي زخم اڃا ڀرجي نه سگهيا آهن، وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي، توهان جي مرضي، وزيرستاني، ڪوهاٽي، هزاري، روهنگيا به گهرايو ته مرضي جا مالڪ آهيو، توهان جي دنيا ۾ ته ڳاٽ اوچو ٿيندو پر سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن لاءِ ووٽ وٺڻ لاءِ ڇا ٿو بچي….!

باقي سياست ۾ ڪرپشنون ٿينديون رهنديون آهن پر ڪجهه ختم ٿيڻ جهڙيون ختم ٿي وينديون، جن جو ڪرپشن سان گهرو ڳانڍاپو هوندو، انهن جو ختم ٿيڻ طاقتور ڌريون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون، انهن جا لاڳاپا عام عوام جي پهچ کان پري آهن، هينئر جيڪو ڪرپشن جو شو  صرف ميان نواز شريف ۽ سندس  خاندان سامهون آندو ويو آهي، سنڌي چوڻي وانگر ”ڀري ٻيڙي ۾ واڻيو ڳرو“  ملڪ جي ادارن کي ڦريندڙن جي  ته وڏي لسٽ آهي،  ان کي فرينڊلي يا ڪهڙي به کڻي چئجي پر ان  لسٽ ۾ صرف ميان خاندان ڇو؟!  اسان کي اميد آهي ته انهن طاقتور ڌرين ڪرپشن ۾ هٿ وڌو به آهي ته ان جو رزلٽ  آهستي آهستي سڀني کي وائکو ضرور ڪندو پوءِ ڀلي اهي ”هيوي ويٽ“ بچي به وڃي پر عوام سامهون سندن سياسي چرخو  ايندڙ اليڪشن کان اڳ داغدار ٿيڻ گهرجي ته جيئن انهن ڪرپٽن مان ڪو وري چونڊجي نه سگهي ۽ عوام کي ايندڙ اليڪشن ۾ ايماندار متبادل ملي سگهي.

چوندا آهن ته ”ڪتي جو پڇ نڙ ۾ وڌو ويو هو  پر ٻارهين مهيني نڪتو ته  اهوئي ٽيڙو“ سنڌ جي شهرن جي سياست ڪندڙن لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي، دهشت، ڀتا خوري، ماڻهو مار، فيڪٽريون، دڪان، ٽرانسپورٽ، دڪان ساڙي اڳتي ته ضرور وڌيا پر جڏهن پڪڙ ۾ آيا ته انهن مان بلائون ئي ٻيون نڪري آيون، جنهن جو وات انساني خون سان ڀريل هجي ان مان پاڪستانيت يا نئين سنڌي  سڏائڻ جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان جي ذري گهٽ 70 سال جي عمر ۾ پاڪستاني ئي نه ٿي سگهيا ته هينئر ”بقول اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي ته آئون چريو ناهيان جو انهن جو سربراهه ٿيان.

اٺ ڏهه سال پنهنجي جهوليءَ ۾ داڻو کارائيندڙ  کي اها خبر نه هئي ته ان جي عرصي حڪمراني دوران هنن ڪهڙا ظلم ڪيا، هيڏي وڏي اداري جي سپهه سالار اها ڪمانڊ پئي ڪئي جو هينئر پيو چوي ته ”مهاجر پاڪستاني“ سڏرائين  ته پوءِ  ڏسيواڳ ۾ ڇا هيا، اها کيس خبر نه هئي….؟! آهي ڪير جو اڳوڻي ڪمانڊ سنڀاليندڙ کان پڇاڻو ڪري ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪري ۽ کيس ڪٽهڙي ۾ بيهاري سگهي.

صرف ”ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو سڀ ڌريون سندس خلاف تلوارون اڀيون ڪيون بيٺيون آهن، هن  ڪراچي جي امن لاءِ جيڪو ڪم ڪيو ۽ دهشت جي علامتن کي لغام ڏنو، اسان سمجهون ٿا ته ان جو اڳ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽين يا  اڳوڻي ڪمانڊو به اهڙو قدم نه کنيو، اسان کيس ڪرپشن ۽ احتساب کي پري رکي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا“ اها ٻي ڳالهه آهي ته ن ليگ سنڌ ۾ پنهنجا متبادل آڻي بيهاري ها ۽ پنجاب صوبي جيترا ترقياتي ڪم ڪرائي ها ته سنڌ جو عوام کيس ضرور ڪجهه مينڊيٽ جو حصو ڏئي ها. ڇو ته سنڌ جي شهرن مان دهشتگرد، سڀ جون سڀ سيٽون کٽي سگهن ٿا ته پوءِ ن ليگ ڇو نه ٿي کٽي سگهي.ميان نواز شريف سنڌ جي شهرن کي امن جو گهر بڻايو، جنهن جي ساراهه ڪرڻ گهرجي.

پاناما ۽ اقاما جا فيصلا ٿيندا رهندا آهن، ان ۾ پوڻ يا هرو ڀرو ڪنهن جي پٽڪي ۾ هٿ وجهڻ اسان جو ڪم نه آهي ته ڪنهن جمهوري پارٽي تي عوام تهمت مڙهي هجي پر اهي انصاف ڏيندڙ ڌرين جو ڪم آهي ته اهي ڪنهن جو ٿيون احتساب ڪن، جيستائين عوام جو سوال آهي ته عوام اڄ به ان ئي جمهوريت پسند ڌر کي چاهيندو جيڪو عوام جو درد رکندڙ هجي، هينئر جي سياست مان عوام جو درد رکڻ جي سوال جو جواب ايندڙ اليڪشن ٻڌائيندي،  ڇو ته همراهن جي پوين پنجن سالن جي پوري ٿيڻ ۾ باقي ڏينهن پهر آهن،، سياسي چرخي کي جاري رکڻ لاءِ سياسي جلسن جلوسن جي  مند آهي، بيشڪ جلسا ڪيو، عوام کي نچايو ڇو ته عوام کي اڳ ۾ به نچايو ئي ويو آهي، جنهن جو مثال ميڊيائون ئي قائم  ڪري چڪيون آهن، ڪٿي به ڪا عوامي ڀلائي نظر ته نه آئي پر پوءِ به  اسان آڱوٺو هڻڻ لاءِ تيار آهيون،آڱوٺو اتي هڻبو جنهن جو سياسي چرخو عوامي ڀلائي لاءِ هوندو،  اهڙي ايماندار جي ايندڙ اليڪشن ۾  ميدان ۾ اچڻ جي خواهش ٿا رکون، پانامن ۽ اقامن جا حساب ڪتاب انصاف ڏيندڙ ڌريون وٺي چڪيون پر اصل احتساب ته عوام ڪندو اهو وري ڏسڻ وٽان هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے