20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ستار ڀٽيءَ جو وڇوڙو 

طارق عزيز شيخ

سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ جڏهن صنم مارئي جو پروگرام شروع ٿيو تڌهن ستار ڀٽي سان آخري ملاقات ٿي  ، مرحوم پنهنجوڪتاب  ”ستار ڀٽي ، شخصيت ۽ خط“ بابت ٻڌايو ته اڃا هاڻي ورهائي ختم ڪيو اٿم  ، توهان جي ڪاپي پوسٽ ڪندس ، انهي۾  اوهان جي رپورٽ به آهي جڏهن انڊيا جا سنڌي اديب ڪراچي آيا هيا ۽ اوهان عوامي آواز جا رپورٽر هئا ”   ، مون کي ياد اچي ويو اهو هندو جيم خاني ۾ 2003 ڌاري پروگرام ٿيو هو  ، ستار ڀٽي تڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري هو ۽ سندس دور ۾ ڀلا ۽ يادگار پرگرام ٿيا هئا.

هو علمي  ، ادبي  ، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن ۾ سرگرم رهيو ۔ سگا ، سنڌي ادبي سنگت  ، سنڌ ڪلچرل  ايسوسيئيشن ، سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئشن ، لاڙڪاڻو فرينڊس ايسوسيئيشن جي مرڪزي عهدن تي رهيو  ۔ ستار ڀٽي 300  کان وڌيڪ ادبي ۽ ثقافتي تقريبون منعقد ڪرايون۔ سندس ڪتاب   "لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتيَ ” بهترين ڪتاب آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي سياسي تاريخ ۽ سياستدانن بابت ڀلي ڄاڻ آهي ۔ هن ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي جي تمام گهڻين سياسي، ادبي، سماجي شخصيتن بابت سوانحي خاڪا لکيل آهن جن ۾ جان محمد  جوڻيجو ، سر شاهنواز  ڀٽو ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ، ايوب کهڙو ، علي محمد راشدي ، عبدالقادر ميوا خان کوکر ، پير حسام الدين راشدي ، سوڀو گيانچنداڻي ، ذوالفقار علي ڀٽو ، ممتاز ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو پير حسام الدين راشدي، انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري وغيره شامل آهن .

ستار ڀٽي جاکوڙي طبيعت جو انسان هو  ، سدائين مصروف رهندو هو  ۔ ملنسار ۽ قربائتو ماڻهو هو ۔ سندس تعلقات تمام وسيع هئا ، هر هنڌ سندس دوست هوندا هئا  ۔ حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته  ”دنيا ۾ اهڙي ريت رهو جو جيستائين جيئرا رهو تيستائين ماڻهو توهان ڏانهن مائل رهن ۽ جڏهن دنيا مان وڃو ته ماڻهو اوهان لاءِ لڙڪ وهائين“ ستار ڀٽي به علي عه سائين جي قول وارن ماڻهن مان هو.

گذريل هفتي ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ جمعي ڏينهن 10نومبر تي سندس پوسٽ ڪيل ڪتاب جنهن جي باري ۾ ذڪر ڪيو هئائين سو مليو  ، مون اڃا سوچيو پئي ته ڪتاب موڪلڻ جا ٿورا مڃيانس ته اڱاري ڏينهن فيس بڪ تي ڪرم الاهي چنا جي پوسٽ پڙهي  اندر ۾ جهٽڪو لڳو ته  :  ” انتهائي ڏک جي خبر  ، اسان جو سگا جو ساٿي ۽ مشهور ليکڪ ستار ڀٽي وفات ڪري ويو

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے