20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

عمران خان جي تحريڪ جا ظاهري توڙي لڪل مقصد ڪهڙا آهن

عزيز الله ناريجو

هڪ طرف ملڪ ۾ روايتي طور حالتون امن امان جي حوالي سان ڪي بهتر ناهن، سنڌ م ڪراچي شهر ڪافي عرصي کان اڳ ئي وڳوڙن ورتل آهي، جتي روزانو بي گناهه ماڻهن جا لاش ملندا هئا ۽ هاڻي قومپرست ڪارڪنن جا چچريل لاش ملن ٿا، جنهن حوالي سان نام نهاد ملڪي قيادت ۽ ڌرڻا هڻندڙ ليڊر ڪجهه به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن، ٻئي طرف سندن حڪمت عملي اها آهي ته پنجاب اندر ڪنهن به ريت وڳوڙ ڪرائي عوام کي حڪومت خلاف روڊن ۽ رستن تي آندو وڃي، فيصل آباد ۾ ٿيل تشدد ۽ وڳوڙ ان جو ثبوت آهي

عمران خان جي تحريڪ جا ظاهري توڙي لڪل مقصد ڪهڙا آهن، انهن بابت واضح طور تي ڪو سڌو تبصرو نه پيو اچي، پر پوءِ به اشارن ۾ اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته اصل قوتون هن حڪومت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ انهن جا اهم مقصد ڪجهه هن ريت ٿي سگهن ٿا.

(1) مشرف مٿان ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪرڻ.

(2) جمهوري عمل کي سماج ۾ روڪڻ .

(3) ملڪي پرڏيهي توڙي داخلا پاليسي تي حڪومت جو ڪنٽرول گهٽائڻ.

(4) پارلياماني جمهوري سسٽم کي عوام ۾ بدنام ڪرڻ.

(5) اظهار راءِ جي آزادي کي محدود ڪرڻ.

(6) قومي، جمهوري، طبقاتي ۽ سامراج دشمن سياسي جدوجهد کي هيڻو ڪرڻ.

(7) هندستان، افغانستان، آمريڪا، چين، روس، ايران بابت پرڏيهي  پاليسي غير جمهوري قوتن حوالي ڪرڻ.

(8) موجود حڪمران سياسي پارٽين ۽ سندن قيادت کي بدنام ڪري، سماج ۾ انارڪي پکيڙڻ.

اسين جيڪڏهن هنن سڀني نقطن جو جائزو وٺون ته اها ڳالهه چڱي ريت چٽي ٿي ويندي ته نام نهاد ڌرڻن واري سياست جو اصل مقصد ڇا آهي ۽ انهن جو پرتشدد رويو ۽ ٻولي سماج ۾ ڪنهن جي مفادن وٽان آهي، مثال طور جيتوڻيڪ موجوده پارلياماني سياسي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو بهتر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن پر ڇا انهن کي رد ڪري هڪ دفعو وري غير جمهوري قوتن کي سياست مٿان حاوي ڪرڻ عقلمندي آهي! 67 سال سڌي ۽ اڻ سڌي ريت اهي ئي قوتون ملڪي سياست ۽ اقتدار تي حاوي رهيون آهن، هنن اڄ تائين سماج کي ۽ ملڪ کي ڇا ڏنو آهي، سواءِ دهشتگردي، لاقانونيت، پرڏيهي قرضن جي انبار، کلي عام سامراجي مداخلت ۽ مجموعي سياسي سماجي عدم استحڪام جي، ڇا ان کان علاوه اهي غير جمهوري قوتون ملڪ کي ڪجهه ڏئي سگهيون آهن؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي جنهن جو جواب انهن کي ضرور ڏيڻ کپي، جيڪي ڪنٽينر تي بيهي ڪپتان جي آڱر کڄڻ جو انتظار ڪن ٿا ۽ پوءِ کيس اپيل ٿا ڪن ته اهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري.  جيئن جيئن عمران خان جي احتجاجي تحريڪ تيز ٿي رهي آهي، تيئن تيئن اصل ماجرا تيزي سان ظاهر ٿيڻ لڳي آهي. سوچڻ وارا سوچين ٿا ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي اڃا هڪ سال مس ٿيو هو ته ان خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ٿي وئي آهي ۽ عوام کي روڊن تي آندو وڃي ٿو، ڇا ان سان جمهوريت کي ته ڪو خطرو ناهي. اهو خدشو ان روشنيءَ ۾ وڌي وڻ ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترن مبصرن جو اهو خيال آهي ته نواز حڪومت لاءِ 2017ع جو سال فيصلائتو سال آهي. هن سال جيڪڏهن ان جي حڪومت چڙهي وئي ته پوءِ پنج سال به پورا ڪرڻ جا امڪان آهن. اهڙيون اڳڪٿيون گذريل پ پ حڪومت لاءِ به ڪيون وينديون هيون ته هن مارچ ۾ ٿي حڪومت وڃي، بس ڊسمبر تائين مس هلي سگهندي وغيره وغيره. انهيءَ جو سبب اهو هو ته تڏهوڪي ڪجهه اعليٰ ادارتي ڌرين ۽ نام نهاد قومي ٽي وي چئنل ڄڻ ته حڪومت خلاف ”اپوزيشن پارٽي“ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هيا.  هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر پ پ حڪومت لاءِ ”پريشر گروپ“ طور ڇو ڪم ڪري رهيا هيا. شايد ان ڪري جو پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ ميثاق جمهوريت تحت هڪٻئي جي حڪومت نه ڪيرائڻ جو معاملو طئي ٿيل هو. سو پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) جي پاڻ ۾ اختلاف نه هئڻ سبب اسٽيبلشمينٽ کي ٻيا در واجهائڻا پيا هيا. سو هاڻ جڏهن تحريڪ انصاف جو عمران خان پاڻ ئي چئي ٿو ته سندس تحريڪ جو مقصد ڪنهن ريت به جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ ناهي ۽ نه ئي مارشل لا کي دعوت ڏيڻ آهي ته پوءِ مسلم ليگ خلاف ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ جو باقي ڪهڙو ٿو سبب رهي؟ هاڻي جڏهن مسلم ليگ(ن) جي حڪومت آهي ته پ پ جي به اها ئي ”فرينڊلي اپوزيشن“ واري پاليسي آهي ته اُها مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏيندي. ان صورتحال ۾ لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ(ن) حڪومت کي فري هينڊ ڏيڻ بدران ان کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ دٻاءُ هيٺ هلائڻ چاهي ٿي ته جيئن مسلم ليگ (ن) حڪومت ان جي ڊسيپلين مان نڪري نه وڃي تنهن ڪري پريشر گروپ طور عمران خان، طاهر القادري ۽ شيخ رشيد وغيره کي اڳتي ڪيو پيو وڃي   عمران خان جي سياست جنهن کي اڪثر تجزيي نگار انتهاپسندن جي حامي سياست به چوندا رهيا آهن ۽ سندس لڳاتار انهن جي حمايت يا وري طالبان سان ڳالهين جي حمايت ۽ سندن دهشتگردي جي مذمت نه ڪرڻ واري روش سندس سخت گير ساڄي ڌر واري نقطي نظر جي چٽي ثابتي آهي، جنهن بابت هڪ اهم ترين تجزيو جيڪو تاريخي طور سندس ڪردار ۽ سياست کي وائکو ڪري ٿو ته عمران خان ضياءُ الحق جي باقيات آهي. سياست هاڻي فقط شخصي نالي تي ٿي رهي آهي، ان ۾ ماڻهن کي موبلائزيشن نٿي سيکاري وڃي نه ئي عوام جا بنيادي مسئلا ٻڌا وڃن ٿا.

قومي طبقاتي ۽ جمهوري تضاد پنهنجي اعليٰ سطح تي موجود هجن، جتي سياسي ڪارڪنن جا لاش روڊن تي اڇلايا ويندا هجن ۽ انهن جو ذميوار ڪير به نه هجي، اهڙي صورتحال ۾ هڪ چونڊيل حڪومت خلاف فقط محدود گروهي اقتداري مفادن واري لڙائي ۽ واويلا جو مقصد مروج ڪمزور جمهوري/نيم جمهوري سرشتي کي ڊاهڻ برابر آهي ۽ جنهن جو فائدو فقط غير جمهوري قوتن کي ئي ٿي سگهي ٿو. اهي غير جمهوري قوتون ئي آهن جيڪي مٿي ذڪر ڪيل سڀني تضادن کي گهٽائڻ لاءِ ۽ اقتداري مرڪز ۾ موجود مسلم ليگ (ن) ۽ سندس حڪومت کي ڪمزور ڪري ڊاهڻ جي پويان سرگرم آهن، تن جو آلئه ڪار ٿيڻ ڪهڙي ريت جمهوريت پسندي آهي. موجوده حالتن ۾ هن خطي جي حقيقي جمهوري ۽ سامراجي دشمن قومي ۽ طبقاتي تحريڪن کي ان سموري منظرنامي کي سمجهڻو پوندو ۽ واضح صفبندي ڪري جمهوريت جي دفاع لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے