20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ستار ڀٽي: ڪتاب ” ستار ڀٽي، شخصيت ۽ خط“ جي روشني ءَ ۾..!!

ادل  سولنگي

ڏهين آڪٽوبر 2017ع جي ڏهاڙي تي پياري دوست ستار ڀٽيءَ ڪتاب موڪليو، جنهن کي پڙهندي نه رڳو ستار ڀٽي جي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين ۽ جواني کان وٺي اڄ تائين سندس علمي، ادبي، سياسي، سماجي سرگرمين سميت سندس زندگيءَ جي ڪيترين ئي ڏسائن جي ڄاڻ ملي ٿي، هي ڪتاب ”ستار ڀٽي-شخصيت ۽ خط.

سنڌي-اردو-انگريزي خطن-مضمونن-تبصرن ۽ ڪالمن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ يادگار تصويرون، مختلف تنظيمن ۽ پارٽين جي دعوت نامن جو وچور جيڪي مختلف موقعن ۽ وقتن تي ستار ڀٽي ڏانهن موڪليا ويا ۽ اهڙا خط جيڪي هن جي لکيل خطن جي موٽ ۾ موڪليل جوابي خط به آهن جن سان ستار ڀٽي جي-علمي-ادبي-سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۽ سندس شخصي اهميت جي ڄاڻ به ملي ٿي.

آئون جڏهن ننڍپڻ ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ رهندو هئس، تڏهن کان هن جي ننڍي ڀاءُ عبدالجبار ڏيري کي سڃاڻيندو هئس، اهو ان ڪري جو جناح باغ ۽ پاڪستان چوڪ جي وچ تي ڊاڪٽر روشن علي شيخ جي ڪلينڪ جي ڀرسان سندس ڌوٻڪو دڪان هوندو هو ۽ آئون ان کان ڪپڙا استري ڪرائيندو هئس، ان کانپوءِ جبار ڏيرو ڪراچيءَ ۾ به مليو، جڪيو اتي به ساڳيو ئي ڪم ڪندو هيو، ان کانپوءِ منهنجي سڃاڻپ رزاق ڏيري سان ٿي، جيڪو ان وقت جيئي سنڌ محاذ لاڙڪاڻي ضلعي جو سيڪريٽري هيو ۽ وڪالت به ڪندو هيو، اڳتي هلي هن اين جي اوز ۽ ڪي ٻيون سياسي پارٽيون به جوائن ڪيون، ستار ڀٽي سان سڃاڻپ لاڙڪاڻي ۾ سگا جي هڪ پروگرام ۾ ٿي هئي، جتي مختلف ضلعي تنظيمن سان ”ڊائلاگ“ پروگرام هيٺ سگا جي مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي رٿيل هئي، لاڙڪاڻي ۾ رهندي به لاڙڪاڻي جي سياسي سرگرمين کان اڻ واقف هجڻ ڪري ساڻس سياسي سڃاڻپ گهٽ هئي، جڏهن ته سماجي سرگرمين جي حوالي سان ستار ڀٽي جي سڃاڻپ جي ڏس ۾ مون وٽ ”لاڙڪاڻو فرينڊس ايسوسئيشن“ جو سگهارو حوالو آهي، ڇاڪاڻ جو شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ هن تنظيم جي ڪجهه پروگرامن ۾ آئون شريڪ به رهيو آهيان، خاص ڪري بئريسٽر جان محمد جوڻيجي واري پروگرام ۾.

ستار ڀٽي صاحب جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ادارن جي حوالي سان ڪافي سرگرمي رهي آهي، ستار ڀٽيءَ سان ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان وڌيڪ سڃاڻپ ۽ ويجهڙائي رهي آهي. ماضيءَ ۾ خاص ڪري شاگرد سياست ۾ هن جو سرگرم ڪردار نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ هن جو پڇتاءُ به ڏيکاريو ويو آهي ته 16 گريڊ جي نوڪري عيوض پنهنجو سياسي مستقبل قربان ڪري هن وڏي غلطي ڪئي هئي. ڇاڪاڻ جو هن جي مقابلي ۾ ٻين اهڙن ماڻهن جو سياسي قد ايترو وڌيڪ ۽ اهم نه هئو جيترو پارٽي پاران کين نوازيو ويو. ياد رهي ته ستار ڀٽي پ پ جو پراڻو جيالو  هو، پر گهڻي تجربي کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو ، هن ڪتاب ۾ ڏنل تصويرن مان به هن جي سياسي، ادبي، علمي، سماجي سجاڳي ۽ لڳ لاڳاپن جي ڄاڻ ملي ٿي. ستار ڀٽي سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن جي بينر هيٺ سنڌ ۾ مختلف تخليقڪارن کي انهن جي فن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ ڏنا. عالمن اديبن جا جنم ڏينهن ۽ ورسيون ملهائي کين ياد ڪيو ۽ پنهنجي ليکي هڙان وڙان لاڙڪاڻي جي انهن شخصيتن بابت ڪتاب لکي شايع ڪيا، جن جو سنڌ جي علم، ادب، سياست، صحافت ۽ سماجي جاڳرتا ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.

هن ڪتاب کي اٺن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي.

  • ڀاڱو پهريون-ستار ڀٽي جي علمي-ادبي-سياسي-سماجي خدمتن تي لکيل 15 مضمون ڏنا ويا آهن.
  • ڀاڱو ٻيون-ستار ڀٽي جي ڪتابن تي ڪيل تبصري وارا 7 تاثر ۽ مضمون ڏنا ويا آهن.
  • ڀاڱو ٽيون-ستار ڀٽي جي فن ۽ شخصيت بابت لکيل 8 ڪالم ڏنا ويا آهن.
  • ڀاڱو چوٿون-ستار ڀٽي بابت 5 تاثر ۽ اخباري رپورٽون ڏنل آهن.
  • ڀاڱو پنجون-ستار ڀٽي ڏي سنيها-سنڌي خط.
  • ڀاڱو ڇهون-اردو 4 خط.
  • ڀاڱوستون-ستار ڀٽي ڏي انگريزي خط.
  • ڀاڱو اٺون-ستار ڀٽي ڏي موڪليل دعوتناما-سنڌي ۽ انگريزي.

ڪتاب تي ٻه اکر لکيا آهن، ستار ڀٽي-مهاڳ لکيو آهي، حميده ستار ڀٽي، هن ڪتاب ۾ لياقت راڄپر ستار ڀٽيءَ جي دوست جي حيثيت ۾ سندس سياسي سرگرمين بابت خوب لکيو آهي، جيڪو ستار ڀٽي جو ڀرپور نموني پروفائيل آهي. حميده ستار ڀٽي به، ستار ڀٽي بابت تمام سٺو لکيو آهي. حميده ستار ڀٽي سماج ۾ ٿيندڙ ٻه اکيائي جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ پنهنجي تنظيمي سرگرمين جو وچور به ڏنو آهي ته ستار ڀٽي جي انهن دوستن جي روين جي به ڳالهه ڪئي آهي، جن ستار ڀٽي بابت ٻه چڱائيءَ جا اکر لکڻ کان به ڪن لاٽار ڪئي، سماج ۾ پلجندڙ، حسد، ساڙ، ڪيني ۽ ڪلفت جون وارتائون به هن ڪتاب ۾ آهن ته موٽ ۾ اڻ ميون محبتون، پيار مڃتا ۽ قبوليت به آهي، جيڪا ستار ڀٽي جي ميراث آهي. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو عهديدار رهندي هن ڪيترائي پروگرام ڪرايا جيڪي تنظيمن جي ريڪارڊ تي اڄ به موجود آهن.

ستار ڀٽي جي زندگيءَ بابت لياقت راڄپر جي لکڻي ٻڌائي ته سياست ۾ سرگرم رهندڙ ستار ڀٽي جڏهن پ پ سرڪار کان نوڪري وٺڻ لاءِ وڃي ٿو ۽ مختلف وزيرن جي آفيسن مان جاري ڪيل نوڪري جا آرڊر کڻي لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽرين تائين پهچي ٿو ته کيس نوڪري نه هجڻ ۽ جاءِ ڀرجي وڃڻ، ٻه ٽي مهينا انتظار ڪرڻ وارا جواب ملندا رهيا پر ستار ڀٽي کي نوڪري نه ملي ۽ هو لاڙڪاڻي موٽي آيو. هن لکڻي ۾ پيپلز پارٽي جي ان وقت جي روئداد بيان ڪيل آهي.جڏهن پارٽي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو هيو ۽ ان زماني ۾ وڏيرن، جاگيردارن، سردارن جي مائٽن کي پي آءِ اي، ڪسٽم، اسٽيل مل، ايف آءِ اي، ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم سميت وڏن ادارن ۾ وڏن عهدن واريون نوڪريون ڏنيون ويون هيون، جڏهن ته غريب ورڪر پنهنجي واري جو انتظار ڪندا رهيا آهن. عبدالرزاق سومري به ستار ڀٽيءَ جي پارٽي خدمتن جي واکاڻ ڪئي آهي، لاڙڪاڻي جي باقراڻي روڊ تي ستار ڀٽي ۽ رزاق ڏيري جو گهر علم ادب، سياست جو مرڪز رهيو آهي.

لاڙڪاڻي جي شخصيتن بابت لکڻ ۽ انهن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ وارو ڪم نهايت ئي ڪارائتو ۽ وقتائتو عملي ڪم آهي. ستار ڀٽي، ڪهاڻيڪار، ڪالمسٽ هجڻ سان گڏ ادب ۽ سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ متحرڪ شخص رهيو آهي. هن سان سڀ کان پهريون رشتو ته ڳوٺائي هجڻ وارو آهي، ان کان پوءِ ادبي ۽ سماجي لاڳاپو ۽ سڃاڻپ رهي آهي. ڪراچي ادبي سنگت ۾ ستار ڀٽي ۽ ڀاڄائي حميده ڀٽي ٻنهي جو ڪردار مثالي رهيو هو، ستار ڀٽي نه رڳو ميڙا مچايا پر ميڙا ملهائيندڙ جي مڃتا به ڪئي. هي خوش پوش، خوش لباس ۽ خوش گفتار شخص پنهنجي وهنوار ۾ تمام وڏو اعتبار جوڳو، ۽ معتبر شخص رهيو ، جنهن جي ويجهو رهڻ وارن کي ئي هن جي وڌيڪ خوبين جي ڄاڻ ٿيندي.

پ پ جي سياست ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ، پنهنجي دور جو بهادر شاگرد اڳواڻ پارٽي سان ڪمينٽمٽ رکندڙ ۽ آدرشي وادي جنهن پارٽي کان ڪجهه به نه ورتو نه وري پارٽي قيادت کيس ڪجهه ڏئي سگهي، هن کي جيڪا نوڪري ملي اها به هن جي پنهنجي تعليمي لياقتن آڌار ملي هئي.

هي ڪتاب ستار ڀٽي جي شخصيت، سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي جاڳرتا لاءِ ڪيل سندس جدوجهد ۽ جاکوڙ جي ڪهاڻي آهي. هر انسان جي زندگيءَ ۾ اهڙا لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، هي ڪتاب اهڙن لاهن چاڙهن جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي پاران ڇپرايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے