20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ٺاروشاهه ۾ ٺهندڙ نياڻين جو ڪاليج جو ڪم ڇو رُڪيل آهي؟

شاهد حسين تيوڻو

اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽين جهڙا لفظ جڏهن ذهن ۾ اچن ٿا ته پاڻمرادو ترقي آفته ملڪن جا منظر به اکين اڳيان ڊوڙن ٿا جتي امن، امان خوشحالي ۽ ترقي ئي ترقي آهي. ڇو ته اها تعليم ۽ درس گاهه ئي آهن جنهن انسان کي جهالت جي اوندهه مان ڪڍي روشني ڏيکاري ۽ ڪوڙ کي سچ ۾ بدلايو ۽ انسان کي لاشعوري مان ڪڍي شعوري جي ان مقام تي بيهاريو جتي اڄ هو فضا ۾ پرواز ڪري ٿو. انسان لاءِ ڀلا ان کان مٿي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جو هو خدا تعالى جي تخليق ڪيل خوبصورت ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سڌو سنئون هڪ ٻئي سان ويچار  ونڊي  ٿو. اها جديد تعليم ۽ درس گاهه ئي آهن جنهنجي ذريعي انسان بلندين کي ڇهيو جنهن جو ان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو.

سنڌ جي اندر هنن ڪامورن کي انهن ملڪن جون ترقيون نظر ئي ڪونه ٿيون اچن ۽ نه ئي وري عظيم انسانن جا قول ۽ فعل انهن جي دماغن کي ٺهڪن ٿا پر هنن همراهن هٿ وٺي ڪري درس گاهن کي برباد ڪيو آهي. اسان جهڙن ٽين دنيا ۾ رهندڙ ملڪن ۾ وري ڏچو ته اهو آهي جو نياڻين جي تعليم ته ٻڙي تي بيٺل آهي جو هي حڪمران نياڻين جي تعليم واري ڳالهه کي کهنگن ئي ڪو نه جو اڄ تعليمي ادارا کنڊر بڻيل آهن جنهن جو واضع ۽ چٽو مثال ٺارو شاهه جو هي گرلز ڪاليج آهي. جيڪو ڪيترن ئي سالن کان کنڊر بڻيو پيو آهي خبر ناهي ته هي ڪاليج ڪهڙي دور ۾ مڪمل ٿيندو ۽ ٿيندو به الائي نه جو ان ۾ نياڻيون تعليم پرائين. اڄ ٺاروشاهه ۽ ان جي وٽ پاسي جي سوين ڳوٺن جي نياڻين جي تعليم داءُ ته لڳل آهي.

ٺاروشاهه گرلز ڪاليج جنهن جي اڻپوري عمارت پراڻي ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ قائم ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪم جي شروعات اٽڪل 6 کان  7 سال پهرين ٿي هئي . ڪجهه وقت ته ڪم ڪافي تيز ۽ وقتائتو ٿيو پر افسوس جو اهو ڪم شروع ۾ جيترو ٿيو اتي ئي رڪجي ويو. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سار نه لڌي ته آخر ان جو ڪم ڇو رڪيل آهي؟ ۽ ڪير ٺيڪيدار آهي؟ ڪنهن جي هٿن ۾ ان جو ڪم سونپيل آهي؟ ڪابه چٽي خبر هن وقت تائين پئجي نه سگهي. ايتري ڊگهي وقت ۾ نه ڪنهن ڀيرو ڀريو ۽ نه ئي اڄ به ڪو اميد جو ڪرڻو نظر اچي ٿو. ڇو ته هي ڪاليج ڪنهن به ڌر کي ياد ناهي، نه چونڊيل نمائندن کي، نه ايوانن ۾ ويٺل وزيرن کي ۽ نه ئي عوام جي هڏ ڏوکي ۽ غريبن جي چنتا رکندڙ شهر جي سماجي ڌرين کي ۽ ارمان جي ڳالهه ته هيءَ به آهي ته نه ئي هي معاملو ميڊيا جي بحث هيٺ رهيو. شايد تڏهن ئي هي ڪاليج ٺهڻ کان اڳ ئي کنڊر ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن وقت سر  هن ڪاليج جو ڪم ٿي پوي هان ته اڄ هزارن جي تعداد ۾ ٺاروشاهه شهر ۽ ڳوٺن جون نياڻيون علم جي نور سان  روشناص ٿين ها.

هن ڀوتارڪي سماج اندر عورت کي ڪِوِل جئيان سمجهيو وڃي ٿو. ان کي غلامي جو زنجيرون هڻي تعليم کان پري رکڻ هنن جي منشور ۾ آهي.   اها ڳالهه  هن سماج جي ناسور بڻيل ٺيڪيدارن کي سمجهه ۾ ڇو ڪو نه ٿي اچي ته عورت جي تعليم پرائڻ کان سواءِ هي معاشرو بهتر ۽ ترقي آفته نه ٿو ٿي سگهي. ان جي ڪري به اسلام جي اندر عورت کي تعليم ڏيارڻ لاءِ وڌ کان وڌ تاقيد ڪيو ويو آهي. بحر حال ٺاروشاهه ۾ هي نياڻين جو ڪاليج جيڪو اڄ تباهيءَ جي ان هنڌ بيٺل آهي جهڙي طرح سنڌ کي ارغونن ۽ ترخانن لٽيو ۽ ان کي ڪنگال بڻايو. اڄ ڪنهن به ڌر وٽان ڪو به همٿائيندڙ يا خاطر خواه جواب نٿو اچي ته ڪو ڪاليج به ٺهندو. جيڪڏهن اڄ هن جديد دور کي ڏسون ٿا ته به اسان کي اهو ساڳو ئي اسلام اچڻ کان پهريائين وارو دور ذهن کي ڌوڏي ڇڏي ٿو جنهن دور ۾ عورت کي منحوس سمجهي ان کي قتل ڪيو ويندو هو. اڄ سنڌ جي اندر به جهڙوڪ ساڳي ويڌن لڳي پئي آهي. ٺاروشاهه ۽ وٽ پاسي جي سوين ڳوٺن جون ڇوڪريون جيڪي تعليم کان لاچار ان ڪري به آهن جو انهن جا والدين ان شعوري معيار تي ناهن جو هو پنهنجي نياڻين کي ڇوڪرن جي ڪاليج ۾ موڪلي گڏيل تعليم ئي حاصل ڪرائين. ان ڪري جيڪڏهن هي ڪاليج ٺهي پوي هان ته اهي ڪيتريون ئي سون جي تعداد ۾ بيوس نياڻيون اڄ ان ڪاليج ۾ علم حاصل ڪن هان ۽ پنهنجي شعوري انداز سان هن معاشري جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هٿ ونڊائن ها.

ٺاروشاهه جو هي گرلز ڪاليج جيڪو مڪمل نه ٿيڻ ان مان اهو ظاهر آهي ته هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ حڪمرانن جي مڪمل بي ڌياني آهي يا وري ڪاليج ڪرپشن جي وبا ۾ سڙي خاڪ ٿي ويندو. حقيقت ڇا آهي؟ آخر هي ڪاليج ڇو مٽيءَ جي ڍير جئيان ۽ کنڊرات لڳو پيو آهي. آخر سيڪريٽري تعليم ڪٿي آهي؟ ۽ تعليم جو وزير ڪهڙي ڏيهه ويل آهي؟ يا سنڌ جو وزير اعلى ڇا پيو ڪري؟ ۽ پاڪستان جي ڪرپٽ ٽولي کي نڪ ۾ ناڪيلي هڻڻ واري N.A.B  ۽   F.I.A ڪٿي آهن جو اڄ ڪروڙن جي ماليت سان ٺهيل ڪاليج جنهن جو ڪم اڌ ۾ رڪجي ويو ۽ هيتري ڊگهي وقت ۾ نه ڪم ٿيو ۽ نه ئي وري ٿيڻ جو ڪو ٽڪو پئسو آسرو آهي. آخر ان ٺيڪيدارن کان به پڇاڻو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي جنهن جي کاتي ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماليت آئي ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ انهن کان اهو پڇاڻو ڪيو وڃي ته آخر هن ڪاليج کي ڪڏهن مڪمل ڪندا؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے