20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

سنڌ سرڪار جي محنت ۽ چونڊون وقت سر ڪرائڻ ۾ اتفاق

پاڪستان ۾ چونڊن جي باري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر غيريقينيت ختم ٿيندي نظر پئي اچي جنهن جو سبب پڻ سياستدان ۽ سياسي پارٽيون آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سڄي ملڪ جي آدمشماري جي نمائندگي ڪندي ان مسئلي تي ڊيڊلاڪ ختم ڪرائڻ جون سموريون ڪوششون پن شابش لهڻن، جنهن گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ وزندار ء۽ دليلن ڀريو موقف رکي وفاقي سرڪار کي سمجهائي مڃايو آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار سڀاڻي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي لاڳاپيل ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن چونڊون ڪنهن به حوالي سان ملتوي نه ٿي سگهن.

ڪالهه وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين پارٽين ملڪ ۾ نين تڪبندين لاءِ جلد قانون سازي ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جا سمورا مطالبا تسليم ڪندي سنڌ حڪومت جو آدمشماري جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ جو مطالبو به تسليم ڪري ورتو آهي، اسلام آباد ۾ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورن صوبن جي وڏن وزيرن چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو عزم ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ان حوالي سان چوڻ هيو ته وفاق آدمشماري جو سمورو ڊيٽا جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته آدمشماري جو هڪ سيڪڙو ٿرڊ پارٽي کان چيڪ ڪرائڻ جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ڪنهن به هڪ بلاڪ جي آدمشماري چيڪ ڪرائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن انگن اکرن ۾ فرق آيو ته وفاق ان جو ازالو ڪندو. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي عيوضي جو بريفنگ ڏيندي چوڻ هيو ته حڪومت تڪبندين جي لاءِ نئين ترميم پارليامينٽ کان جلد منظور ڪرائي، انهن جو موقف آهي ته 1998ع جي آدمشماري مطابق اليڪشن ڪرائڻ ڏکيو ٿي پوندو. جڏهن ته وفاقي ڳڻپ واري اداري اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ته پرڏيهين جو درست انگ آدمشماري جي پوري ترتيب مڪمل ٿيڻ کان اڳواٽ نٿا ٻڌائي سگهون، ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جي انگ جو مطالبو پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ڪيو هيو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سي سي آءِ اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته 1998ع جي آدمشماري تحت اليڪشن ڪرائڻ ڏکيو ڪم آهي، جنهن ڪري نئين تڪبندين جي لاءِ بنا دير قومي اسيمبلي مان ترميم منطور ڪرائي. اجلاس ۾ غير ملڪيتن جا انگ اکر جاري ڪرڻ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جو مطالبو رد ڪيو ويو. سنڌ کي آدمشماري جو حق ڏنو ويو ڪو به هڪ بلاڪ چيڪ ڪرايو ويندو. آدمشماري جي سموري ڊيٽا جاري ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. انگن اکرن ۾ فرق آيو ته وفاق ان جو ازالو ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي ، ڪالهه ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت هلي رهي آهي، جيڪا جون 2018 ۾ مدو پورو ڪندي ۽ ٻن مهينن بعد چونڊون ٿينديون،سندس چوڻ هيو ته حڪمراني آئين موجب ٿيندي آهي ۽ قانون جي بالادستي قائم رهڻ گهرجي.

اربع 15 نومبر 2017ع، 25 صفر المظفر 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مقدس نالن ۽ نعرن جي اوٽ ۾ ٿيندڙ غلط روايتون

پاڪستان ۾ ڪنهن ڏينهن سموريون مذهبي تنظيمون توڙي سياست ڪندڙ ڌريون ان ڏينهن تي سهمت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے