19 اتوار , نومبر 2017

اٽلي 60 ورهين کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام

ميلان (اسپورٽس نيوز) چار ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ اٽلي جي ٽيم 60 ورهين کانپوءِ ايندڙ سال روس ۾ شيڊيول فيفا ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ فائنلز ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان ڪاميابي ماڻي سوئيڊن جي ٽيم ورلڊ ڪپ فائنل مقابلن لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ميلان ۾ اٽلي ۽ سوئيڊن جون ٽيمون ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي ٻئي پلي آف لاءِ ميدان تي لٿيون ته پهرين پلي آف ۾ 0-1 تان ڪاميابي جي ڪري سوئيڊن کي سرسي حاصل هئي پر هوم گرائونڊ تي ميچ ٿيڻ سبب اميد هئي ته اٽلي جي ٽيم ان خساري مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي پر ائين نه ٿي سگهيو. راند جا شروعاتي 20 منٽ غير معياري کيڏڻ کانپوءِ اٽلي جي ميچ تي پڪڙ مضبوط ٿي وئي ۽ اسٽرائيڪرن ڪجهه سٺا مووز ٺاهي گول جا موقعا پيدا ڪيا پر سوئيڊش گول ڪيپر روبن اولسن ۽ خراب فنشنگ سبب ميزبان ٽيم بال کي ڄار تائين پهچائڻ ۾ ناڪام رهي. پينلٽي جون اپيلون رد ۽ گول نه ٿيڻ سبب ميچ جي آخري لمحن ۾ اٽلي انتهائي خراب راند جو مظاهرو ڪيو ۽ سڀ رانديگر ٿڪل نظر آيا. ميچ ختم ٿيڻ جي ويجهو پهتي ته اسٽيڊيم ۾ موجود اٽلي جي شوقينن پنهنجي ٽيم جو جوش ۽ جذبو وڌائڻ لاءِ قومي ترانو پڙهڻ شروع ڪيو پر انهن جي اها ڪوشش به رائيگان وئي ۽ جنهن وقت ريفري سيٽي وڄائي ميچ جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو ته اسٽيڊيم ۾ موجود 74 هزار اٽليءَ جي چاهيندڙن تي سڪتو طاري ٿي ويو ۽ ٽيم جي شڪست توڙي ورلڊ ڪپ مان نيڪاليءَ تي اٽلي جا رانديگر به افسوس ۾ پَٽَ تي ويهي رهيا. ان شڪست کانپوءِ اٽلي جي ٽيم 60 ورهين کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ميچ برابر ٿيڻ سان سوئيڊن ايگريگيٽ اسڪور 0-1 تان ڪاميابي ماڻي 12 ورهين کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ: احمد شهزاد جي دونهيدار اننگز

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) ڊگهي عرصي کان وٺي خراب فارم جو شڪار قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے