19 اتوار , نومبر 2017

وومين ٽي ٽوئنٽي: ڪيوي ٽيم گرين شرٽس کي ٽانڊا ڏئي ڇڏي، سيريز ۾ ڪلين سوئيپ

شارجا (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ وومين ٽيم پاڪستان کي چوٿين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ورتو آهي. شارجا ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان پاڪستاني ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 88 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ جويريا خان 36 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي. قومي ٽيم کي بي وس ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏو هٿ ايڇ ايم راءِ جو هو، جنهن ٽن رانديگرياڻين کي پويلين موٽايو، جڏهن ته هڊليسٽن 2 ۽ تهيو هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم صوفي ڊوائن جي 41 رنسن جي شاندار اننگز عيوض ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 11 اوور اڳ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته سيٿر وائيٽ 35 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان ايمن انور 2 ۽ انعم امين هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته قومي ٽيم چئني ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏٺو، جڏهن ته ون ڊي سيريز ۾ پڻ گرين شرٽس 1-2 تان شڪست کاڌي هئي. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ: احمد شهزاد جي دونهيدار اننگز

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) ڊگهي عرصي کان وٺي خراب فارم جو شڪار قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے